نواز شريف نئين آرمي چيف کان مون کي نااهل ڪرائيندو: عمران خان
لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي هڪ سال کانپوءِ اليڪشن سان ڪو مسئلو ناهي. لانگ مارچ سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون کي چيو پيو وڃي هڪ سال چونڊن جو انتظار ڪيو، تحريڪ انصاف کي ڪو مسئلو ناهي، عوام اسان سان گڏ آهي، ملڪ ۾ جڏهن به چونڊون ٿيون تحريڪ انصاف کٽيندي، اسان کي انتظار سان ڪو مسئلو ناهي پر ملڪ کي انهن ماڻهن مان خطرو آهي، ڇو ته معاشي صورتحال خراب آهي ۽ پاڪستان سازش سبب پوئتي پئجي ويو آهي. هن چيو ته ٻن خاندانن ملڪ جو قرض وڌايو، قرض ڏيندڙ ملڪ جواب ۾ اسان کان ملڪي سلامتي جو سودو ٿا ڪرائين، انهن جا سمورا اثاثا ٻاهر آهن ۽ قومي سلامتي تي سمجهوتو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن سازش ڪئي ۽ ملڪ تي انهن چورن کي مڙهيو، اهي جواب ڏين ته ملڪ جي موجوده تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟ مان اڳ ئي هينڊلرز کي چئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن انهن کي آندو ويو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو پر سهولتڪارن ڳالهه نه مڃي. نئين آرمي چيف جي مقرري بابت عمران خان چيو ته ملڪ کان ٻاهر اهم فيصلا ٿي رهيا آهن، نواز شريف ڪڏهن ميرٽ تي ناهي کيڏيو، کيس ميرٽ جو مطلب خبر ناهي، هو پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪري مون کي نااهل ڪرائيندو. اڳوڻي وزيراعظم چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته ارشد شريف، اعظم سواتي ۽ مون تي ٿيندڙ حملي جي ڪيسن کي ڏسو، اسان جي ميمبرن سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون آهن.
نومبر 16, 2022