سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ڇو نه پنجاب جا سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا وڃن: چيف اليڪشن ڪمشنر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ڇو نه پنجاب کان سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا وڃن. سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جو حافظ نعيم الرحمان ايم ڪيو ايم جو وسيم اختر، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ پ پ اڳواڻ مرتضيٰ وهاب ۽ آءِ جي سنڌ به اليڪشن ڪميشن ۾ موجود آهن. وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ رينجرز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. گهرو وزارت جي سيڪريٽري محمد رمضان ملڪ چيو ته چونڊن لاءِ سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهون. ٻوڏ ۽ امن امان جي صورتحال سبب سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهجي. هن وقت مڪاني چونڊن لاءِ سول آرمڊ فورسز نٿا ڏئي سگهون. سنڌ حڪومت به سيڪيورٽي موجود نه هجڻ جو جواز بڻائي چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيون وڃن. ڪميشن جي ميمبر نثار دراني چيو ته مڪاني چونڊون وڌيڪ ملتوي ٿيڻ آئين جي ڀڃڪڙي نه آهي. اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال چيو ته گهرو وزارت 18 آڪٽوبر تي آرمڊ فورس اهلڪارن جي مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته صوبائي حڪومت مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ قانونسازي نٿي ڪري سگهي. مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. سنڌ پوليس جا اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ اسلام اباد ۾ مقرر آهن، ڇو نه پنجاب کان سيڪيورٽي اهلڪار سنڌ ۾ مقرر ڪريون، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪري سگهجي ٿو، اسان پنجاب حڪومت کان سيڪيورٽي گهري سگهون ٿا. آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ به مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي اڌ آبادي گهٽ ڪئي وئي، ڪراچي ۾ ٿيل تڪ بندين ۾ وڏي پيماني تي ڪوتاهيون ڪيون ويون. چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر کي چيو ته آدمشماري تي اعتراض سي سي آءِ ۾ کڻي وڃو، آدمشماري تي اعتراضن لاءِ اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل فورم نه آهي. ايم ڪيو ايم صحيح وقت تي پنهنجا خدشا مناسب فورم تي ناهن رکيا. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پنهنجي موقف ۾ چيو ته آرمي، ايف سي يا ٻين صوبن جي پوليس گهرائي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحادي حڪومت آدمشماري جي پاڻ منظوري ڏني هئي. اڄ آدمشماري جي بنياد بڻائي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو چيو پيو وڃي. هن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 45 ڏينهن جو وقت ڏيڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته ڪراچي جون حالتون خراب آهن مڪاني چونڊون وڌيڪ ملتوي نه ڪيون وڃن. ڪراچي جو بي اختيار ميئر هجي تڏهن به آواز ته اٿاريندو. ڪراچي ۾ 40 هزار پوليس اهلڪار آهن جڏهن ته ضرورف 17 هزار اهلڪارن جي آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪ آرمي جا جوان مقرر ڪري چونڊون ڪرايون وڃن. سنڌ حڪومت ته ڪڏهن به ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون نٿي ڪرائڻ چاهي. جيڪڏهن اسان هر وقت ڊڄندا رهنداسين ته پوءِ ملڪ ۾ ڪڏهن به چونڊون نٿيون ٿي سگهن. جنهن جي اشاري تي ڪراچي بند ٿيندو هو اهي اڄ چئي رهيا آهن ته ڪراچي کي حق ناهن مليا وفاقي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم شامل آهي پر اڃان تائين هي اختيارن جو روڄ پٽڪو ڪري رهيا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت ذريعي سڌو سنئون رابطا ڪيا پر گهرو وزارت، پاڪ آرمي ۽ رينجرز اهلڪار اسٽينڪ ڊيوٽي مقرري لاءِ تيار نه آهن. اسان آرٽيڪل 220 جي تحت حڪم جاري ڪري سگهون ٿا. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي. اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته مڪاني چونڊن بابت مناسب فيصلو جاري ڪنداسين.
نومبر 16, 2022