انٽرنيشنل دفاعي نمائش آئيڊياز 2022 جو افتتاح، ملڪ ڏيوالي مان نڪري چُڪو آھي: بلاول

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ+ رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2022 جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقربي کي خطاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز سان خطاب منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي ان موقعي تي مان ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن پرڏيهي مهمانن کي ڀليڪار چوان ٿو. بلاول چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي انٽيليجنس جو استعمال ترقي جي راهه ۾ تمام گهڻو مددگار آهي. هن چيو ته پاڪستان ڊيفالٽ جي خطري مان نڪري چڪو آهي. هاڻ اتحادي حڪومت ملڪ کي معاشي چيلنجز مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيآهي ۽ اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چئلنيجز کي منهن ڏئي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ اڳيان به ڪندو رهندو. پرڏيهي پاليسي تحت ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهيون. ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي بهتري لاءِ اهم آهي. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو هلندڙ سال پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان تي ڌيان ڏياريندي چيو ته دنيا ۾ ٿيندڙ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان سخت متاثر ٿيو. ٻوڏ متاثرين کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کني اويا. ٻوڏ متاثرين کي ريليف، بحالي ۽ نقصانن جي ازالي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا، موسمياتي تبديلي جي اثرن سبب پاڪستان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دنيا سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان پرڏيهي پاليسي تحت سمون ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيو آهي. 6 مهينن دوران عرب امارات، يورپي ملڪن سميت ٻين ملڪن سان رابطا بحال ڪيا. پاڪستان چاهي ٿو ته ڪشمير جو مسئلو عالمي قراردادن موجب حل ٿئي. ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندڙ نمائش ۾ دفاعي سازو سامان ٺاهيندڙ ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي ادارن کان علاوه ترڪي، چين، آمريڪا، لاطيني آمريڪا، يورپ، ايشيا ۽ ٻين ملڪن جي ڪمپنين طرفان به اسٽال لڳايا ويا آهن.

نومبر 16, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو