گورنر جي عهدي کي عوام تائين وٺي وڃڻ چاھيان، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اختيار جي نه پر نيت ۽ ارادي جي ضروري آهي: ڪامران خان ٽيسوري

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري طرفان اختر ڪالوني بازار جو دورو، سنڌ جي گورنر دڪاندارن ۽ خريدارن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا، ان موقعي تي اختر ڪالوني بازار جو محمد رفيق باٽا پڻ موجود هو، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوام پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو، بازار ۾ موجود ماڻھن راءِ ڏيندي چيو تہ گورنر کي اهڙو هئڻ گهرجي، کيس عوام سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو تہ گورنر جي عهدي کي عوام تائين وٺي وڃڻ چاھيان، ڪامران خان ٽيسوري چيو تہ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اختيار جي نہ پر نيت ۽ ارادي جي ضروري آهي، سنڌ جي گورنر جو وڌيڪ چوڻ هو تہ عوام جي وچ ۾ وڃي انهن جا مسئلا بهتر طريقي سان سمجهي سگهان ٿو، ھن چيو تہ سنڌ جي وڏي وزير سان بهترين ڪم ڪندڙ لاڳاپا آهن، سندس چوڻ هو تہ نفرتون ختم ڪري سڀني کي متحد ڪرڻ چاهيان ٿو، ھن چيو تہ گورنر هائوس جا دروازا عوام لاءِ کليل آهن، سنڌ جي گورنر جو چوڻ ھو تہ شهر جا تجارتي مرڪز اهم آمدني ڏين ٿا، ھن چيو تہ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا

نومبر 14, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو