ڊالر کي آزاد ڇڏي ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو: اسحاق ڊار
دبئي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڊالر کي آزاد ڇڏي ملڪ جي معيشت جو بيڙو ٻوڙيو ويو آهي. مسلم ليگ(ن) جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار گذريل حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته 4 سالن ۾ معيشت تباهه ڪئي وئي. پاڪستان سينگاپور جي بجاءِ سريلنڪا بنجڻ جي ويجهو پهچي ويو هو. اسحاق ڊار چيو ته رياست بچائڻ جي لاءِ حڪومت جي تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو. عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان سان گڏ ئي تيل جي قيمتن کي به ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. اسحاق ڊار چيو ته ڊالر کي آزاد ڇڏي ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. ڊالر جي قيمت وڌڻ سان ملڪي قرض ۾ 4000 ارب روپين جو اضافو ٿي ويو هو. اسان ڊالر ۽ روپي جي قدر ۾ توازن پيدا ڪنداسين. ڊالرز کي 200 روپين کان گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان جي حڪومت جو ارادو آهي ته ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر کي بهتر ڪريون. ناڻي واري وزير چيو ته شهباز شريف معيشت کي ٻيهر پيرن تي بيهارڻ لاءِ معاشي اصلاحات تي عمل ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف پروگرام کي مڪمل ڪنداسين. موجود مالي سال 32 کان 34 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي. اميد آهي ته اها رقم جمع ڪئي ويندي.
نومبر 14, 2022