عام ماڻهو جي ٽوئيٽ سان هٿياربند فوج اندر بغاوت نٿي ٿي سگهي: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ پنهنجي هڪ حڪم ۾ چيو آهي ته هڪ عام ماڻهو جي ٽوئيٽ سان هٿياربند فوج اندر بغاوت نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي عوام ۾ خوف پيدا ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار هڪ تڪراري ٽوئيٽ ذريعي هٿياربند فوج کي بدنام ڪرڻ جي الزام ۾ ڪاشف فريد نالي هڪ شهري خلاف داخل ايف آءِ آر رد ڪندي اهڙو فيصلو ڏنو آهي. ڪاشف فريد نالي هڪ شهري آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ پاڪ فوج خلاف ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن تي سندس خلاف پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) جي سيڪشن 500، 501 ۽ 505 تحت ڏوهه ڪيا آهن. جسٽس بابر ستار اهو به رمارڪس ڏنا ته فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 505 تحت داخل ٿيل ڪنهن به ڪيس جو نوٽيس وٺڻ جو اختيار ناهي. ٻئي طرف پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 ۾ ڪنهن به شخص جو نالو بدنام ڪرڻ جي ڪيس ۾ شايع ڪيو ويو آهي پر مٿين ٽوئيٽ ۾ ڪنهن به شخص جو نالو ناهي ورتو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار ٽوئيٽر هينڊل جو مالڪ هجڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي ۽ جيڪڏهن اهو شخص ٽوئيٽر اڪائونٽ جو صارف هو ته به ان ڪيس ۾ مٿين سيڪشنز تحت ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي. ايف آءِ آر کي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي حڪم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪارروائي ايف آءِ اي جي غير قانوني ڪارروائي آهي. انهن ريمارڪس ۽ مشاهدن سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ آر کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
نومبر 14, 2022