وقار ۽ خرم ڪينيا پوليس سان گڏجي سينيئر صحافي ارشد شريف کي قتل ڪرايو: راڻا ثناءُالله

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته وقار ۽ خرم ٻنهي ڀائرن ڪينيا پوليس سان گڏجي سينئر صحافي ارشد شريف کي قتل ڪرايو آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُالله پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته مون اڳ ئي چيو هو ته ارشد شريف کي حدف بڻائي قتل قتل ڪيو ويو آهي، واقعي کي ٻيو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻئي ڀائر پنهنجي موبائل فون جي ڊيٽا تائين رسائي ڪرڻ نٿا ڏين. ڪجهه ماڻهن ارشد شريف کي گهرائي چيو هو ته هتان کان هليا وڃو. هن چيو ته ارشد شريف کي پشاور کان جهاز ۾ ويهاريو ويو ۽ اهو سڀ ڪجهه رڪارڊ تي موجود آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته 2 ڀائرن جي ملي ڀڳت سبب صحافي ارشد شريف کي قتل ڪيو ويو وقار ۽ خرم ڪينيا ۾ ارب پتي ۽ تمام گهڻا طاقتور آهن. نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيوته ارشد شريف جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن. اسان جي ٽيم سلمان اقبال ۽ طارق وصي کان به جاچ ڪرڻ چاهي ٿي. وفاقي گهرو وزير موجب ڪينيا پوليس جي موقف مان ثابت نه ٿو ٿئي ته ارشد شريف کي غلط فهمي جي بنياد تي قتل ڪيو ويو، ارشد شريف کي قتل ڪرڻ وارن کي اها خبر هئي ته ارشد شريف گاڏي جي ڪهڙي پاسي کان ويٺل آهي، اهو سمورو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ ئي آهي. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته ڪينيا پوليس جاچ ۾ سهڪار نه پئي ڪري، وزيراعظم کي درخواست ڪنداسين ته هو ٻيهر ڪينيا جي صدر سان رابطو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ارشد شريف جو جنهن جڳهه تي قتل ٿيو اهو ڪو ناڪو نه هو ارشد شريف جي قتل واري ڏينهن ان هنڌ تان پوري ڏينهن ۾ صرف 3 گاڏيون گذريون.

نومبر 12, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو