آرمي چيف جي مقرري ۾ ميرٽ کي اوليت ڏني ويندي:نواز شريف ۽ شهباز
لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ لنڊن کان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ملاقات دوران اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، آرمي چيف جي مقرري تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ميرٽ کي اوليت ڏني ويندي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي مقرري آئيني معاملو آهي ۽ آئين پٽاندڙ ئي طئي ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف گڏجاڻي ۾ طئي ٿيل فيصلن تي پي ڊي ايم قيادت کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو.
نومبر 12, 2022