عالمي بئنڪ اڳ ۾ ئي 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي ڏيڻ تي راضي ٿي آهي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بئنڪ سان ملاقات ۾ ربيع جي فصل لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ تي هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ورلڊ بئنڪ 25 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي ڏيڻ تي راضي ٿيو آهي جنهن تي وڏي وزير چيو ته 25 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکندڙ هارين کي به ساڳي ريت رعايت ڏني ويندي. اهڙو اتفاق اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي 13 رڪني وفد جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين جي سربراهي ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. وڏي وزير سان سندس ڪابينا جا ميمبر منظور وساڻ، شرجيل ميمڻ، مڪيش چاولا، امتياز شيخ، مرتضيٰ وهاب، رسول بخش چانڊيو، حارث گزدر، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽري شامل آهن. جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ ريجنل ڊائريڪٽر گوانگزي چن، سيڪٽر گروپ ليڊر عابد الرزاق خليل، پريڪٽس مئنيجر شومڪ راج موهنديراتا، پروگرام ليڊر ٽيوٽا ڪاڪانيڪو، سينيئر انرجي اسپيشلسٽ انجم احمد، ايگزيڪيوٽو اسسٽنٽ وليد انور، سينيئر ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ حسن افضل زيدي، ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ محمد پراچا، ڊزاسٽر ريسڪ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ بلال خالد، سينيئر سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر، ليڊ ايگريڪلچر اسپيشلسٽ مسٽر اوليويئر ڊيورنڊ، سينيئر واٽر اسپيشلسٽ مسٽر فرانڪوئس اونيمس ۽ ٻيا شامل هئا۔سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري چيف کي ٻڌايو ته سندس حڪومت صوبي جي هارين کي ٻج ۽ ڀاڻ تي 5000 رپيا في ايڪڙ جي حساب سان رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته عالمي بئنڪ اڳ ۾ ئي 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي ڏيڻ تي راضي ٿي آهي ۽ صوبائي حڪومت 25 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي فراهم ڪندي. هن چيو ته ربيع ۾ اسان خاص ڪري ڪڻڪ پوکڻ کي ترجيح ڏني آهي ته جيئن ايندڙ سال ڪڻڪ جي طلب کي پورو ڪري سگهجي. ييلو لائين منصوبي جي روٽ بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪنسلٽنٽس کيس موجوده ڄام صادق پل جي انفرااسٽرڪچر جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو آهي ۽ سندن مڪمل مرمت جي سفارش ڪئي آهي جنهن تي اٽڪل 5.3 ملين ڊالر لاڳت ايندي. مراد شاهه چيو ته موجوده ڄام صادق پل جي ڀرسان 4 لين واري نئين پل جي تعمير جي تجويز تي ڪم جاري آهي ۽ ٽينڊر دستاويز منظوري لاءِ ورلڊ بئنڪ ڏانهن موڪليا ويا آهن. ورلڊ بئنڪ جي اجلاس ۽ پروجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي هدايتن تي ڄاڻايل قدم کنيا ويا. مراد علي شاهه چيو ته سمورن آف ڪوريڊور رستن تي تفصيلي فيلڊ سروي ڪئي وئي ۽ اسان جي ٽيم ڪم ۾ جعلسازي کان بچڻ لاءِ بلديات کاتي ۽ ڊي ايم سي ڪورنگي جي ڀيٽ ۾ آف ڪوريڊور رستن تي روڊن ۽ نيڪال جي ڪمن جو جائزو ورتو. ٽيم جي رپورٽ تي ڪنسلٽنٽن سان ڳالهايو ويو آهي ۽ هاڻي آف ڪوريڊور لاءِ تفصيلي ڊيزائن ۽ ٽينڊر لاءِ ڪاغذ تيار ڪيا پيا وڃن. سنڌ فلڊ ايمرجنسي بحال پروجيڪٽ (SFERP): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منصوبي جي اسائنمينٽ لاءِ اڪائونٽ کوليو ويو آهي ۽ هن کوٽائي واري ڪم جي شروعات لاءِ 5.77 ارب رپيا جاري ڪيا آهن. ڄاڻايل پراجيڪٽ 101.35 ملين ڊالر يعني 23109.54 ملين روپين جو پراجيڪٽ آهي جنهن جي مالي سهڪار عالمي بئنڪ پاران ڪئي ويندي. ياد رهي ته ٻوڏ 2022ع ۾ تباهه ٿيل آبپاشي ۽ نيڪال انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ هيءَ منصوبو ورلڊ بئنڪ جي مالي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي. منصوبي ۾ شامل ڪم هن ريت آهن: هنگامي بنيادن تي ڀريل حصن کي ڀرڻ/ بند ڪرڻ ۽ شگاف جي مرمت، رليف ڪٽس ۽ مختلف پمپنگ اسٽيشنن تي پمپن ۽ موٽرن جي مرمت/ تبديلي ۽ ننڍن ڊيمن جي مرمت شامل آهن. وڏي وزير چيو ته ربيع ۾ پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهي ڪم 30 نومبر تائين مڪمل ڪيا ويندا. هنگامي بحالي جي ڪمن ۾ گهڻو نقصان پهچندڙ جهڙا اهم ڪم شامل آهن جنهن ۾ ڪميونٽيز، شهرن، ڳوٺن جي حفاظت ۽ انفراسٽرڪچر سان لاڳاپيل آهن ۽ ايندڙ چوماسي جي موسم کان اڳ مڪمل ٿيڻ جي ضرورت آهي. بحالي واري ڪمن ۾ ريگيوليٽرز، واهن، نيڪال جا نيٽ ورڪ، ٻوڏ لاءِ بندن، فلڊ ڊٽينشن ڊيم/ويئرز ۽ ٻين بنيادي آبپاشي انفراسٽرڪچر جي بحالي شامل آهن. وڏي وزير چيو ته سمورن 36 ايمرجنسي وارن ڪمن لاءِ آرڊر جاري ڪيا ويا آهن جن مان 12 ڪم مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ 17 تي ڪم جاري آهي جڏهن ته 7 ڪم شروع نه ٿي سگهيا آهن جن ۾ شگافن مان پاڻي نڪرڻ يا پاڻي هيٺ هئڻ سبب ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته ڪنسلٽنٽس هنگامي بحالي جي ڪمن لاءِ سروي جو ڪم، تفصيلي ڊيزائننگ ۽ انجنيئرنگ ڪاٿو مڪمل ڪري ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته خريداري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته 15 نومبر 2022 تائين ڪم شروع ٿي ويندو. وڏي وزير ۽ ورلڊ بئنڪ سان صحت جي سهولتن جهڙوڪ ڊسپينسرين ۽ اسپتالن جي مرمت ۽ بحالي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته تازي ٻوڏ دوران 1000 جي لڳ ڀڳ صحت جون سهولتون جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿيون. ورلڊ بينڪ صحت جي سهولتن جي بحالي لاءِ 40 ملين ڊالر قرض جي آڇ ڪئي آهي.
نومبر 10, 2022