سدائين پنهنجي پيشيوراڻن فرضن تي ڌيان ڏيو : آرمي چيف قمر جاويد باجوا
پشاور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته سدائين پنهنجي پيشواراڻن فرضن تي ڌيان رکو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پشاور جو دورو ڪيو، ڪور هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات آرمي چيف جي آجيان ڪئي، جنرل باجوا شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي امن ۽ استحڪام جي حاصلات ۾ فارميشن جي ڪاوشن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جي شهيدن وطن جي حفاظت لاءِ جانين جو نذرانو ڏنو اسان جيڪو ڪجهه به آهيون اهو سندن قرباني جو نتيجو آهي، انهن سماجي، اقتصادي ترقي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪيو . آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قوم جي خدمت ۾ سدائين پنهنجي پيشيواراڻن فرضن تي ڌيان رکو.
نومبر 10, 2022