گهوٽڪي ۾ 100 کان مٿي ڏوهارين جي حملي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سميت 5 ڄڻا شهيد
ڪراچي(رپورٽر) گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. ميرپورماٿيلي لڳ راونتي جي ڪچي ۾ پوليس اوٻاوڙي مان اغوا ٿيل ٽن ڄڻن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪري رهي هئي ته 100 کان مٿي ڏوهارين جديد هٿيارن سان پوليس پارٽي تي حملو ڪري ڏنو. ايس ايس پي تنيور تنيو موجب ڏوهارين پاران 20 کان 25 راڪيٽ لانچر فائر ڪري ويا، ڏوهارين جي حملي ۾ هڪ ڊي ايس پي ٻن ايس ايڇ اوز ۽ ٻن اهلڪارن شهادت ماڻي. شهيدن ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايڇ او کينجهو دين محمد لغاري، ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو عبدالمالڪ ڪمانگر ۽ ٻه پوليس اهلڪار شامل آهن. پوليس ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد شهيدن جا مڙهه وصول ڪيا، ايس ايس پي تنوير تنيو پاران لاش وصول ڪيا ويا. سندس چون هو ته هو آءِ جي سنڌ کي بريف ڪندا جنهن بعد سندس هدايتن تي عمل ڪيو ويندو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي جڏهن ته اوٻاوڙو شهر مڪمل بند ڪيو ويو. شهيدن جا مڙهه پوليس لائين ميرپورماٿيلو پهچايا ويا جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ مڙهه اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ڌاڙيلن کي به صورت نه ڇڏيو وڃي، هو سمورن جوابدارن کي قانون جي پڪڙ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. ٻئي پاسي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن شهادت ماڻيندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي اباڻن علائقن ۾ پڻ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي.
نومبر 7, 2022