ڪراچي ۾صحافن خلاف ڏوهه روڪڻ لاءِ عالمي سطح ڏينهن منائڻ بابت سيمينار منعقد

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)گلوبلنيبرهڊفارميڊياانووينشن پاران صحافن جي خلاف ڌوهه جي روڪڻ جي لاءِ عالمي سطح ڏينهن منائڻ جي حوالي سان هڪ سيمينارجو مقامي هوٽل ۾ اهتمام ڪيو ويو.صحافن کي آن لائن ۽ جسماني تشدد،ماورائي عدالت قتل ڦاسي سميت ٻين ڌوهه ۾ ملوٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي . ان  ۾ جي اين ايم جي سرابرهه ناجيه اشعر، سينئر صحافي مظهر عباس،آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر عنبر شمسي ،بول نيوز جي فيصل عزيزخان ۽ دنيا نيوزجي انيڪرمسعودرضامهمان هئا جڏهن ته سنيئر۽ جونئير صحافن جي هڪ وڌي تعداد شرڪت ڪئي .ان موقعي تي جي اين ايم جي سربراهه ناجيه اشعر چيو ته اڄ اسان ارشدشريف شهيد کي خراج عقيدت  پيش ڪري رهيا آهيون .هن چيو ته ارشد شريف جي قتل پاڪستاني صحافي برادري کي هلائي رکي ڇڏيو آهي هنن چيو پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قتل سنڌ صوبي ۾ ٿي رهياآهن جنهن ناطم جوکيو۽ منير سانگي سميت ٻيا سرفهرست آهن .سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته صحافن کي پنهنجي حفاظت جو خيال رکڻ گهرجي بلڪ ميڊيا مالڪان جي ذميواري آهي ته هوصحافن جي ٽرينٽگ ڪرائڻ .هن چيو صحافي مري وينداآهن ته هن سان گڏخبر به مري ويندي آهي اسان جي ذميواري آهي ته هن خبر کي فلورڪرايو.هن صحافن کي زورڀريو ته حالتون ڪرايون به ٿي وڃي پنهنجي ملڪ کان ٻاهرنه وڃن گهرجي .سموران حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي .ميدان کان راهه فرار نه ٿيڻ گهرجي .فيصل عزيز خان چيو ته هن چيو ته لاهور جي عورت صحافي صدف جيڪي واقعي جي سخت الفاظن ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي .هن چيو ته افسوس جي ڳالهه هئي آهي ته صحافن جي معاملي ۽ ٽرينٽگ ڪرڻ جي لاءَ ڪهڙو فورم موجود نه آهي .آءِ بي اي جي دائريڪٽر عنبرشمسي چيو ته وسائل جي برابري جي بنياد جي ويڙهه جي فقدان ڪري صحافن کي پنهنجي حفاظت تي سمجهوتو ڪري پوندو آهي .هن چيو ته لاهورلانگ مارچ جي ڪوريج ڪرڻ واري شهيد صحافي صدف نعيم واقعوانڪري پيش آيو ته هن حفاظتي قدم نه کنيا هئا .اينڪر پرسن سيد مسعودرضاچيو ته هن چيو ته صحافن جي قتل تي اسان حڪومت کي الزام ڏئي رهنداآيو پر اسان جو صحافي تنظميون چا ڪري رهيوآهن هنن جو ڪردار اهڙي واقعن ۾ نظر نٿو اچي .هن چيو ته صحافن جي جدوجهد ۾ حفاظتي تدابير ۽ ٽرينٽگ ڏيڻ مقصد هڻ گهرجي .ان موقعي تي سوال جواب جو سيشن به ٿيو .

نومبر 4, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو