تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ تي قاتلاڻو حملو، ھڪ قتل، عمران خان سميت 9 ڄڻا زخمي
گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ عمران خان جي ڪنٽينر ڀرسان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين زخمي ٿي پيو آهي. پوليس موجب گوجرانوالا ۾ الله والا چوڪ تي پي ٽي آءِ جي استقباليه ڪيمپ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته موقعي تي موجود سڪيورٽي اهلڪارن حملي آور کي گرفتار ڪري ورتو. الله والا چوڪ تي فائرنگ کان پوءِ سڪيورٽي اهلڪار فوري طور عمران خان وٽ پهچي ويا ۽ کيس محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي ساڄي ٽنگ ۾ گوليون لڳيون آهن، جڏهن ته احمد چشتي ۽ چوڌري محمد يوسف کانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد به زخمي ٿي پيا آهن. هڪ نيوز چينل سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو ته فيصل جاويد کي گوليون لڳيون ۽ احمد چٺا سخت زخمي ٿي پيا، ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب حملي آور پهريان برسٽ هلايو ۽ پوءِ فائرنگ ڪئي، پوءِ هڪ گولي هلائي، حملي آوور کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل آهن. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي فائرنگ واري واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي جو نوٽيس وٺندي ر پورٽ طلب ڪري ورتي آهي، هن آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي فوري طور رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واقعي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ن ليگ قائد نواز شريف ۽ ن ليگ نائب صدر مريم نواز به تحريڪ انصاف لانگ مارچ ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مان عمران خان ۽ سندس ساٿين تي فائرنگ جي مذمت ڪيان ٿو ۽ زخمين جي صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان. مريم نواز به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته عمران خان تي فائرنگ جي مذمت ڪيان ٿي ۽ ان سميت سڀني زخمين جي صحتيابي لاءِ الله پاڪ کان دعاڳو آهيان. ھوڏانھن پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته مان سڀني جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به حملي جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان.
نومبر 4, 2022