عمران نيازي ملڪ ۾ ھڪ تماشو لڳائي ڇڏيو آھي: سيد ناصر حسين شاھه / سعيد غني  

Spread the love

ڪراچي (نمائندي وٽان) صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاھ ۽ سعيد غني چيو آھي ته عمران نيازي ملڪ ۾ ھڪ تماشو لڳائي رکيو آھي ڪڏھن هو مارشل لا ته ڪڏھن وري خوني انقلاب جون ڳالهيون پيو ڪري پر حقيقت ۾ عمران خان بوکلائجي ويو آھي ۽ ذھني طور تي مفلوج لڳي رهيو آھي. ڊي جي آءِ ايس پي آر  ۽ ڊي جي آء ايس آءِ جا ٿورائتا آھيون جو هنن چئي ڇڏيو ته ڏھن پندرنهن سالنتائين ڪو به غيرآئيني قدم نه کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظھار ٻنهي وزيرن سنڌ اسميبلي جي ڪاميٽي روم ۾ ھڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري،  سردار نزاڪت،  قاضي بشير ايڊووڪيٽ ۽ ٻيا به ساڻن گڏ ھئا. سعيد غني چيو ته اسان سياسي جدوجھد وسيلي اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان پري رکڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيا آھيون. هن چيو ته عمران نيازي نالي هن ملڪ ۾ هڪ فتنو پيدا ٿيو آھي هوگارگند ۽ بدتميزي تي لهي آيو آھي ته جيئن فوج سندس خواهش موجب غيرآئيني ڪم ڪري۔ سعيد غني چيو ته  هاڻي حالتون بدلجي چڪيون آهن  ۽ عمران نازي جو مستقبل اونداهو آھي۔ هن چيو ته اڄ عمران نازي اليڪشن ڪرائڻ جي ڳالھ پيو ڪري پر جڏھن اسان چوندا هئاسين ته اليڪشن ڪرايو ته چوندو هو ته مان ته  2028 تائين ويٺو آھيان۔ هن چيو ته جڏھن بي اعتمادي رٿ ڪاميابي ٿي ته پوء هو اليڪشن جو مطالبو ڪرڻ لڳو. سعيد غني چيو ته نے کہا کہ مان کيس چوان ٿو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏ اهي ته تنهنجي هٿ ۾ آھن. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جا شڪر گذار آھيون جو هنن چئي ڇڏيو آھي ته ڏھن پندرنهن سالن تائين ڪو به غيرآئيني قدم ہ انہوں نے نه کنيو ويندو۔ هن چيو ته عمران خان کي پاکستان يا هتان جي عوام سان ڪو به پيار ناهي، هي جيڪي جهاد جون ڳالهيون ڪري ٿو ته اسان ڪنهن جا غلام ناهيون. ناصر حسين شاھ چيو ته مان چوان ٿو خان صاحب اسان چريا ناهيون جو تنهنجي پٺيان هلنداسين. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته اسين صحافي صدف نعيم جي موت تي افسوس جو اظھارڪيون ٿا۔ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران نازي جڏھن ڪرڪيٽ ۾ ھو تڏھن به اهڙو ئي هو ۽ مارچ کي هاڻي پاڻ خوني مارچ چوي پيو۔ هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته پاليامينٽ جي بيعزتي ٿئي. جڏھن کان لانگ مارچ جو اعلان ڪيو اٿس ويھ لک ته پري جي ڳالھ آ ڇھ ست هزار ماڻھو به نه آڻي سگهيو آھي. هن چيو ته  پهريان 2014 ۾  خالي ڪرسيون ميڊيا ڏيکاريندو هو.

نومبر 2, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو