حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي ٽيسٽ ڊرائيو شروع ٿي وئي آهي:شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي(رپورٽر)اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ حيدرآباد جي شهرين کي خوشخبري ڏيندي چيو آھی ته اڄ اسان حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي ٽيسٽ ڊرائيو شروع ڪري ڇڏي آهي. انشاءَ الله هن مهيني جي آخر تائين اسان عوام لاءِ مناسب بس سروس شروع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ کاتو شهرين کي بهترين ٽرانسپورٽ سروس فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
نومبر 2, 2022