عمران خان چاھي ٿو ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي:شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي مخاطب ٿيندي پنھنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آھي ته عمران خان تنھنجي خواھش آھي ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ، اقتدار جي هوس ۾ هر حد پار ڪرڻ لاءِ توهان تيار آهيو. ڊڪٽيٽر جي نرسري جا ٽيسٽ ٽيوب بي بي رهيا آهيو. ھاڻ ان نرسري تي تنقيد ڪري ھيرو بنجڻ ي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھيو. عمران خان توهان اھي ڌاڙيل آهيو ، جنهن توشا خاني، فارن فنڊنگ، مني لانڊرنگ ۽ گوگي جي ذريعي اربين روپين جا ڌاڙا ھنيا آهن.
نومبر 1, 2022