سمورين ڏکيائين باوجود دنيا ۾ وڃايل مقام حاصل ڪنداسين: وزيراعظم  

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سمورين ڏکيائين باوجود آمريڪا سان لاڳاپا ٻيهر بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. دنيا ۾ وڃايل مقام حاصل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڪيڊمي جي سمورن شعبن ۾ سٺي تربيت ڏني پئي وڃي، قوم جون نياڻيون به دستي ۾ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته اي ڊي خواجه ايماندار پوليس آفيسر آهي کيس گذارش آهي ته جهڙي طرح اڪيڊمي هلائي رهيو آهي اهڙي طرح ٻيون ضرورتون به پوريون ڪري. پاڪستان جو بهترين ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ لاهور ۾ ٺاهيو ويو. شهباز شريف چيو ته سمورين ڏکيائين باوجود دنيا ۾ وڃايل مقام حاصل ڪنداسين. پوليس عوام کي دهشتگردن، چورن ۽ ڌاڙيلن کان بچائڻ لاءِ قربانيون ڏنيون. پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. پوليس عوام کي امن پنهنجي قربانين ذريعي ڏنو. يقين ڏياريان ٿو ته پوليس جون قربانيون ضايع نه وينديون. تاريخ پوليس جي قربانين کي سنهري اکرن ۾ لکندي. ٻوڏ متاثرين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثرين جي امداد جو سلسلو جاري آهي، ٻوڏ آئي ته حڪومت طرفان 100 ارب روپيه متاثرين ۾ ورهايا ويا. هن چيو ته سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جو وفد پاڪستان آيو سالن کان المارين ۾ دفن ٿيل فائيلن سميت ڪيترن ئي منصوبن تي سعودي وفد ۽ ولي عهد محمد بن سلمان کان معافي ورتي. سعودي ولي عهد 12 ارب ڊالر جي آئل ريفائنري جو منصوبو کڻي پاڪستان اچي رهيو آهي. سعودي عرب جي وفد پاران پڇاڻو ڪيو ويو ته اسان 5 سال اڳ هي منصوبو ڏنا هئا، اسپتال ٺاهڻ لاءِ فنڊ ڏنا، آسان قرض به ڏنا پئي ويا پر ان منصوبن تي ڪم ئي شروع ناهي ڪيو ويو. مون سعودي عرب کان 2 ڏينهن جو وقت گهريو ۽ ٽيم کي 48 ڪلاڪ ڏنا پر ٽيم 24 ڪلاڪن ۾ ڪم مڪمل ڪري پهچي وئي. وزيراعظم چيو ته 48 ڪلاڪن ۾ اهو ڪم ٿي ويو جيڪو 5-6 سالن کان پيل هو اهي سموريون فائلون المارين ۾ پيل هيون. وڏي مشڪل سان آئل فيلڊ تي ٻيهر ڪم ڪيو آهي ۽ چين سان شمسي توانائي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون آهن.

آڪٽوبر 29, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو