عمران خان جيڪڏهن سچو آهي ته ٻڌائي ته ارشد شريف جي جان کي ڪنهن کان خطرو هو: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارشد شريف جي موت جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. ملڪ جو وڏو نقصان ٿيو آهي. ان افسوسناڪ واقعي جي جانچ ٿيڻ گهرجي . ان واقعي مان هڪ سياسي جماعت فائدو وٺڻ جي ڪوششڪري رھي آهي. اطلاعات واري صوبائي وزير اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ آرڪائيوزڪامپليڪس ۾ اربع واري ڏينهن پريس ڪانفرنسڪنديڪيو. هن چيو ته ارشد شريف جي وفات جي ڪري صحافت کي وڏو نقصان رسيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ارشد شريف جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صوبائيوزير سعيد غني سنڌ حڪومت پاران تعزيت لاءِ ارشد شريف جي خاندان وٽ ويو هو هن چيو ته ارشد شريف جي وفات تي صحافي برادري سان بہتعزيتڪيونٿا. هن چيو ته دلي طور چوان ٿو ته ارشد شريف جي موت تي شديد ڏک رسيو آهي ، ارشد شريف جي ٻارن ۽ امڙ سان دلي همدردي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ ڊي جي آئي ايس پي آر ارشد شريف جي واقعي جي جانچ لاءِ مناسب ڳالههڪئي آهي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته ان واقعي جو بينيفشري ڪير آهي ؟ عمران خان چيو آھي ته هن ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو .عمران خان جيڪڏهن سچو آهي ته ٻڌائي ته ارشد شريف جي جان کي ڪنهن کان خطرو هو. عمران خان کي جنهن شخص اهي سڀڳالهيونٻڌايون ان شخص جو نالو سامهون آڻي. هن چيو ته جڏهن عمران خان کي خبر هئي ته ارشد شريف جي حياتي کي خطرو آهي ته ان کي ٻاهر وڃڻ جو مشورو عمران خان ڇوڏنو؟ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عمران خان جون حڪومتون آهن. عمران خان پنهنجي سڪيورٽي لاءِ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا پوليس اهلڪار رکي سگھي ٿو ته ارشد شريف کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سڪيورٽيڇونهڏني. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي ملڪه بخاري ڪالهه هڪ پروگرام ۾ چيو آهي ته ماڻهو ارشد شريف جي جنازي لاءِ گهران نڪرن هن چيو ته مرحوم نعيم الحق عمران خان جو ويجھو دوست هو ان جي تعزيت لاءِ نه ويو. ڪوئٽا ۾ هزارا برادري جا ماڻهو پنھنجي پيارن جو ميتون رکي ھن جو انتظار ڪندا رهيا انھن وٽ نه ويو. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ نه ويو. ساھيوال سانحي جي متاثرن کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرائي ھن تعزيت ڪئي. هن چيو ته عمران خان ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن کي پاڻ سان ويهاريو آهي. کيس خدشا آهن ته ارشد شريف جون قتل جو ڪڙيون بني گالا سان ملي رهيون آهن ھن چيو ته ارشد شريف پنھنجي ٽاڪ شو۾ فارن فنڊنگڪيس ۾ انڊيا ۽ اسرائيل جي فنڊنگ کي بينقاب ڪيو هو هن چيو ته سڀاڻي مرحوم ارشد شريف جي جنازي نماز آهي ۽ ٻئيڏهاڙي جمعي جي ڏينهن عمران خان لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، ڪٿي اها ڪا سازش ته ناھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن. هن ڪنهن به اجازت نامي تي صحيحون ناهن ڪيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان منسوب ڪيل خبرون ڪوڙي پروپيگينڊا ۽ هٿٺوڪيون آھن . اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته هو حلف کڻي چوي ٿو ته عمران خان جو ايجنڊا پاڪستان خلاف آهي ،هي شخص پاڪستان جي خلاف ڪريل سازشون ڪري رهيو آهي هن شخص کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان ڪوڙڳالهائي رهيو آهي ته سندن لانگ مارچ پرامن هوندو. پي ٽي آئي پهرين به لانگ مارچ ڪيا آهن هنن لکي ڏنو هو ته هنن جا لانگ مارچ پرامن هوندا ۽ ريڊ زون ۾ داخل نهٿيندا . پر بعد ۾ هو معاهدي تان ڦري ويا. گاڏيون ۽ وڻ ساڙيا ويا، پي ٽي وي تي چڙهائيڪئي وئي، پوليس اهلڪارن کي مار ڪٽڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان جو ايجنڊا ملڪ کي ڊي اسٽيبلائيزڪرڻ آهي. ان جو پنهنجو خاندان بني گالا ۽ لنڊن ۾ سڪون سان ويٺو آهي عمران خان پهرين پنهنجي خاندان کي لانگ ۾ مارچ ۾ آڻي. هن چيو ته اسلام آباد تي حملو پاڪستان تي حملو آهي اسلام آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ پوليس کي موڪلينداسين. هي سنڌ حڪومت جو فرض آهي. هن چيو ته جلسي، جلوسن سان حڪومتون ناهن وينديون سنڌ ۾ حالات خراب ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نهڏني ويندي. سنڌ ۾ يوٿين جي حڪومت ناهي ، ھتي سياسي ماڻھن جي حڪومت آھي. جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو . هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومتن جا سمورا وسيلا لانگ مارچ تي خرچ ڪيا پيا وڃن،ٻوڏ متاثرن لاءِ انهن وٽ فنڊ ناهن پر جلسي، جلوسن ، نچڻ،ڳائڻ ۽ ڪانسرٽ منعقد ڪرڻ لاءِ انهن وٽ فنڊز موجود آهن. ھن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڊپٽيڪمشنرن کي لانگ مارچ لاء گاڏيون پڪڙڻ جو ٽاسڪڏنو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته عدالتن کي ان معاملي جو نوٽس وٺڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي چيلينج کي پيپلز پارٽي قبول ڪريٿي، سنڌ جي عوام کيس عبرتناڪ شڪستڏني آهي، هي سنڌ فتح ڪرڻ جون ڳالهيونڪندا آهن مان کين کليل چيلينج ڏيانٿو ته پنهنجي ڀلن اميدوارن کي وٺي اچن منهنجي حلقي ۾ مقابلو ڪريڏيکارين، تہکينخبر پئجي ويندي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪابه حيثيت ناهي، هي فقط سيلفي گروپ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي ڪنهن اها ڳالهه ذهن ۾ وڌي آهي ته وقت گهٽ مقابلو سخت آهي جيڪوڪرڻو آهي سو ڪري وٺو، نومبر کان پوءِ وقت نه ملندو.
آڪٽوبر 27, 2022