بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت لاءِ لازوال قربانيون آهن:شرجيل ميمڻ  

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ مادر جمهوريت جي 11 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو کي جمهوريت جو علم بلند ڪرڻ، آمريت خلاف ڊگهي جمهوري ۽ سياسي جدوجهد ۽ لازوال قربانين تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي ملڪ، عوام، آئين ۽ جمهوريت جي لاءِ ڪيل خدمتن کيرهندي دنيا تائين ياد رکيو ويندو. بيگم نصرت ڀٽو تڪليفن جو صبر سان مقابلو ڪرڻ ۽ آمريتن سان وڙهڻ سيکاريو. صوبائي وزير چيو ته مادر جمهوريت هڪ قد آور شخصيت هئي ، اهڙي عورت هئي جنهن بهادري سان بحرانن جو مقابلو ڪيو، وڏن سانحن مان گذري پر جمهوري جدوجهد کان پوئتي نه هٽي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مادر جمهوريت جي روح سان وعدو ڪريون ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سندس ڏسيل واٽ تي پنهنجو سفر جاري رکندا سين.

آڪٽوبر 24, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو