اسان کي پنهنجي سياست کي پوئتي رکي ملڪ کي اڳتي رکڻو پوندو : شاھد خاقان عباسي
لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جون حالتون بهتر بڻائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته اسان سڀ پنهنجي مفادن کان ٻاهر نڪرون. لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن سان خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪي سياستدان پنهنجي عزت نه ڪري سگهيا اهي ملڪ جي ڇا عزت ڪندا، اسان کي پنهنجي سياست کي پوئتي رکي ملڪ کي اڳتي رکڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته جڏهن معاشي حالتن سميت هر لحاظ سان ملڪ اندر کان کوکلو هجي ته اڳتي ڪيئن ٿو وڌي سگهجي؟ اڄ توهان ڪنهن هڪ جماعت کي به 100 سيڪڙو سيٽون ڏيو ته ملڪ نه هلندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي سياسي، عسڪري، جڊيشل ۽ بزنس ليڊرشپ کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته سياسي مفادن کي اڳتي رکڻو آهي يا ملڪ کي؟ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته انهن ڳالهين مان ٻاهر نڪرو ته فوج جو سربراهه ڪير ٿيندو، ڪهڙو جج پروموٽ ٿيندو، حالتون بهتر بڻائڻ جو هڪ ئي طريقو پنهنجي مفادن کي پاسي تي رکڻ آهي.
آڪٽوبر 24, 2022