چئني صوبن جي ٻوڏ متاثرين ۾ 68 ارب روپيه ورهائي چڪا آهيون: شهباز شريف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين ۾ 68 ارب روپيه ورهائي چڪا آهيون. چين سياري جي موسم لاءِ معياري خيما اماڻي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اين ايف سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻوڏ صورتحال بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثرين ۾ 68 ارب روپيه ورهائي چڪا آهيون. جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سمورن متاثر خاندانن تائين رقم پهچندي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) وفاقي حڪومت جا 88 ڪروڙ روپيه سٺي طريقي سان ٻوڏ متاثرين ۾ ورهايا جيڪو بهتر ڪم آهي. اين ڊي ايم اي پاڻي، خوراڪ ۽ مڇردانيون متاثرين ۾ ورهايون. وزيراعظم چيو ته امداد چئني صوبن جي متاثرين ۾ ورهائي وئي آهي. سمورن ملڪن مان جيڪو ڪجهه آيو اهو اين ڊي ايم اي ذريعي چئني صوبن ۾ ورهايو ويو. شهباز شريف چيو ته 70 ارب روپيه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ورهائي رهيا آهيون. صوبن سان ملي منصوبو تيار ڪيو ۽ ففٽي ففٽي جي بنياد تي ٻج تي ڪم ڪيو ويندو. سنڌ ڪم ڪيو، بلوچستان به پاڻ منصوبو ترتيب ڏنو. پر گذارش جي باوجود پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ٻج وٺڻ کان انڪار ڪيو. ايندڙ فصل لاءِ هارين کي اعليٰ معيار جو ٻج ڏنو ويندو.
آڪٽوبر 21, 2022