ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي اعتماد جو اظهار  

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ اينٽي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر تي مڪمل اعتماد جو اطهار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سربراهي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ٻوڏ کان پوءِ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ سنڌ بلوچستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ايٽمي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر تي مڪمل اعتماد جو اطهار ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ايٽمي هٿيارن سان ليس ذميوار ملڪ آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ايٽمي سيڪيورٽي مضبوط بنائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن. ملڪ جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل آهن. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي.

آڪٽوبر 19, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو