عوام عمران خان مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو، هن هڪ ڀيرو به ڪنهن غريب کان حال نه پڇيو: نثار کهڙو  

Spread the love

ملير(رپورٽ قادر درس)پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر ملير مان چونڊيل ايم اين اي کي مبارڪون ڏيڻ سندس ڳوٺ پهچي ويو ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪيم بلوچ کي ملير 2018 ۾ کسيل سيٽ 237 واپس ڏياري ويئي آهي اڄ کيس ملير جي عوام کي مبارڪ ڏيڻ آيو آھيان هن چيو ته عمران واضع چيو هو ٻھراڙي وارن ڪراچي تي قبضو ڪيو هو هيء اهو تعصب جيڪو عمران خان جي دل ۾ ڀريل آھي پاڪستان سنڌي ماڻھن ٺاهيو سنڌ پاڪستان جي تاريخ ٺاهي سنڌ ڊڪٽيٽرن خلاف ايم آر ڊي تحريڪ هجي يا ٻيون تحريڪون هجن هن چيو ته جڏهن اسان برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻڏون پيا ته عمران خان هڪ غريب جي جڳهي ۾ نه آيو ته ڪهڙي حال ۾ آھن ملير ضلعي جي صوبائي ۽ قومي سيٽون پاڪستان پيلزپارٽي جون  آھن اسان انهيء جذبي سان پنهنجي ڪردار نڀائينداسين منهنجي اچڻ جو مقصد حڪيم بلوچ کي مبارڪ ڏيڻ ملير جي ماڻھن کي سلام پيش ڪرڻ آھي ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلزپارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو دنيا سان تعلقات بهتر ڪيا آھن جيڪي ڪافي حد تائين خراب ٿي ويا هئا عمران تعصب پرست چيو مونکي هٽايو ويو ته ائٽمي اثاثا غير محفوظ آھي پاڪستان ٽڪڙا ڪرڻ جهڙا تعصب ڀريل ڪڙواهٽ ڪڌي اسان کان جڏهن بينظيرڀٽو کي شھيد ڪيو ته اسان نه چيو ته ائٽم بم ڪرايو اسان چيو ته جهموريت بهترين انتقام آھي جڏهن ڀٽو کي قتل ڪيو ويو تڏهن به اسان اها ڳالھ ڪئي پر عمران چوي ٿو اسان سان ڳالهيون ڪريو ٻيهر سليڪٽڊ ٿيڻ چاهي ٿو عوام چاهيو ت عمران مان جان ڇڏايو ۽ قومي صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪير ڏياريون ۽ عمران کي عدم اعتماد ذريعي بڄڻو پيو هاڻ عمران خان اچي عدم اعتماد آئي ڏسي هن چيو ته عمران خان کي جيڪي 2018 ووٽ ڏو اڄ تمام گهٽ ووٽ کنيو ، عمران 6 سيٽون کٽڻ بعد اسيمبلي نه ويندس 9 سيٽون خراب ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آھي هن جو مقصد آھي اسيمبلي ويندس تنهن ڪري هن کي اميدوار مليا ئي نه  مجبور ٿي شاه محمود قريشي کي پنهنجي ڌي کي اليڪشن ۾ بيهاريو ان موقعي تي عبدالحڪيم بلوچ، پي پي پي ضلع ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد ،مير عباس ٽالپر ،نذير ڀٽو ۽ وڏي تعداد ڪارڪن موجود هيا

آڪٽوبر 19, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو