لانگ مارچ لاءِ 25 مئي واري پاليسي کان وڌيڪ سختي ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله  

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لانگ مارچ لاءِ 25 مئي واري پاليسي کان وڌيڪ سختي ڪنداسين، ڇو ته ڪنهن جي جٿن کي حڪومت جي تبديلي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جمهوري عمل ذريعي تبديلي آڻيو ته اسان کي منظور آهي پر لانگ مارچ جي ڪنهن صورت اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ننڍي چونڊ تي حڪومت جو دارومدار ناهي، اڄ سمورا اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آاهن ۽ سڀني ايجنسين کي حڪمن تي عمل ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف کي واپسيءَ جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي.

آڪٽوبر 17, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو