ڪراچي ۾جاپان جي بين الاقوامي تصويري نمائش  ڪلرز آف دي ورلڊ پڄاڻي تي پهتي  

Spread the love

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ايسوسئيشن آف فوٽو جرنلسٽس پي اي پي جي پاران جاپان جي بين الاقوامي تصويري نمائش  ڪلرز آف دي ورلڊ پڄاڻي تي پهتي. پي اي پي جي طرفان 6 آڪٽوبر کان 13 آڪٽوبر تائين جاپان پروفيشنل فوٽوگرافڪ سوسائيٽي، جاپاني اخبار آساھي شمبن ۽ ڪراچي ۾ جاپان جي قونصل خاني جي گڏيل سهڪار سان تصويري نمائش منعقد ڪئي وئي.خميس ڏھاڙي هن تصويري نمائش جي پڄاڻي واري تقريب ٿي جنهن ۾ جاپان جي ڊپٽي قونصل جنرل آشيدا ڪاتسو نوري، پي اي جي پي جي سينئر ميمبر عديل خان، جاپاني فوٽو جرنلسٽ ساڪو مايا سواو، عظمت اتاڪا، فيصل مجيب، محمد ارشد، محمد زبير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن ۽ رضاڪارن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ان موقعي تي خطاب ڪندي مهمانن چيو ته تصويري نمائش سان ماڻھن وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي عمل جي شروعات ٿي آھي ۽ اهڙي نمائش ڪراچي کان ٻاهر ٻين شھرن ۾ به منعقد ٿيڻ گهرجي. هنن چيو ته تصويري نمائش ذريعي پاڪستان ۽ جاپان جي فوٽو جرنلسٽس وچ ۾ ويجهڙائي آڻڻ۾ مدد ملندي ۽ اهڙن پروگرامن ذريعي ٻنهي ملڪن جي معاشرن ۾ مثبت ۽ تعميري لاڳاپا قائم ڪري سگهبا.

آڪٽوبر 15, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو