قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز امن جي بحالي لاءِ قربانيون ڏنيون، دهشتگردن کي مضبوط ٿيڻ نه ڏبو: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وڏين قربانين سان ملڪ ۾ امن بحال ڪيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي سيڪيورٽي فروسز جون قربانيون مثال آهن. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ سوات جي صورتحال ۽ بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي ڪئي وئي . اجلاس ۾ آرمي چيف سمسيت سنيئر عسڪري قيادت، بچاءُ واري وزير، پرڏيهي معاملن جي وزير ۽ ڳجهن ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سي پيڪ جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي چئني صوبن جا آءِ جيز پڻ شريڪ ٿيا. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته سوات ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال بريفنگ پڻ ڏني وئي، سيڪيورٽي ادارن پنهنجون سفارشون پڻ اجلاس ۾ پيش ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ ۾ امن بحال ڪيو ويو، دهشتگردي جي خاتمي ۾ سيڪيورٽي فورسز لازوال قربانيون ڏنيون آهن. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عوام جي قربانين کي نه وساري نٿو سگهجي، دهشتگردن کي ڪنهن صورت ۾ ٻيهر مضبوط ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ٻئي پاسي ٽوئٽر اڪائونٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کانپوءِ سيڪا سربراهي اجلاس ۾ اسان جو ڌيان پاڪستان جي توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي رهيو، وچ ايشيائي رياستن سان گهرا رابطا اسان جي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي مقصد آهي، اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جيڪا عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ متاثر ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي جن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان گهرو تعلق اسان جي حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جنهن کي عمران خان پنهنجي حڪومت جي دور ۾ نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سيڪا سربراهه اجلاس ۽ ايس سي او اجلاس ۾ توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي پاڪستان جو ڌيان رهيو. عالمي اڳواڻن سان ملاقات ۾ پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي پيش ڪري رهيو آهيان.
آڪٽوبر 15, 2022