شيخ رشيد چاهي ٿو ته ته عمران سڀاڻي بدران اڄ جيل وڃي: سعيد غني
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته شيخ رشيد چاهي ٿوته عمران خان سڀاڻي بدران اڄ جيل ويندو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته عمران خان کي جيل وڃڻ جي ڊپ سبب ننڊ نه پئي اچي، کيس ننڍي چونڊي شڪست ملندي. هن چيو ته شيخ رشيد چاهي ٿو ته عمران سڀاڻي بدران اڄ جيل وڃي جڏهن ته عمران خان جيل ڀريو تحريڪ تي يوٽرن وٺيڇڏيو آهي. سعيد غني چيو ته هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ واري هڪ ئي سيٽ رکڻي پوندي ۽ جيڪڏهن عمران خان سڀ يا هڪ ٻه سيٽون کٽي وڃي ٿو ته هڪ سيٽ تي رڪن چونڊيو ويندو پر عمران خان سمورين سيٽن تي اميدوار بيهي اليڪشن نظام جو مذاق اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
آڪٽوبر 15, 2022