تياري پڪڙيو، تمام جلد حقيقي آزادي مارچ جو سڏ ڏيندس: عمران خان
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حقيقي آزادي مارچ لاءِ تمام جلد سڏ ڏيڻ وارو آهيان. پير مهر علي شاهه باراني يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اوهان کي حقيقي آزاديءَ لاءِ تيار ڪرڻ آيو آهيان، آزادي ملندي ناهي کسڻي پوندي آهي. عمران خان چيو ته چورن ۽ آمريڪا جي غلامن کي اسان تي مڙهيو ويو آهي، آمريڪي سازش تحت اقتدار ۾ آيل چور پنهنجا سمورا ڪرپشن جا ڪيسز ختم ڪرائي رهيا آهن ۽ عوام مهانگائي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت تباهه ٿي رهي آهي ۽ وزيراعظم آمريڪا ۾ پنندو پيو وتي ته اسان ئي پئسا ڏيو، هو ملڪ جي تذليل ڪري رهيو آهي، کيس شرم اچڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ناانصافي خلاف آواز اُٿارڻ جهاد آهي، مان انهن چورن آڏو بيٺو آهيان. هن چيو ته ڪرڪيٽ کان سياست تائين چئلينج قبول ڪيا، انسان جي اُڏام ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ ڊپ آهي، غلام جوتا پاليش ڪندا آهن ۽ ليڊر آزاد هوندا آهن، ڊڄڻو ڪڏهن به وڏو اڳواڻ نٿو بڻجي سگهي اهو نواز شريف ٿي سگهي ٿو، جيڪو هر ڏکئي وقت ۾ ملڪ مان ڀڄي ويندو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته تمام جلد سڏ ڏيڻ وارو آهيان، سڀني کان اڳيان مان پاڻ هوندس، جيل ڇاهي، جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ سڀني کي نڪرڻو پوندو، زنجير ٽوڙڻا پوندا آهن، آزادي کسي وٺبي آهي. سنڌ جي گورنر جي مقرري بابت ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته اهڪ ڏوهاري کي گورنر بڻايو ويو آهي.
آڪٽوبر 14, 2022