عدالتون عمران خان جي اعترافي بيان جو نوٽيس وٺن، جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ٿيل علائقن مان پاڻي جو نيڪال ٿي چڪو آهي، آبپاشي کاتي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ڊيواٽرنگ جي عمل تي ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ پوري عمل جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي ۽ روزاني جي بنياد تي ضلعي وار اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي، جتي مسئلا آهن انهن کي حل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاران متاثرن کي هاڻي تائين 506579 خيما، 523195 ترپال، 3023872 مڇردانيون، 798053 ليٽر منرل واٽر، 68837 جيري ڪينس ۽ ٻيو امدادي سامان ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت 1420189 خاندانن کي راشن بيگس مهيا ڪيون آهن. سنڌ حڪومت روزاني جي بنياد تي راشن جي تمام گهڻي سپلاءِ کي يقيني بڻائي رهي آهي، ان سلسلي ۾ وينڊرز کي آرڊر ڏنا ويا آهن ته جن ماڻهن وٽ کائڻ پيئڻ جي لاءِ ڪجهه ناهي بچيو ۽ جيڪي ماڻهو رليف ڪيمپس مان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن، انهن کي به مسلسل طور تي راشن بيگس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان علاوه سمورين امدادي ڪيمپن ۽ ٽينٽ سٽيز ۾ پڪل کاڌو ڌو پهچايو پيو وڃي. حڪومت جي پوري مشينري جي هن وقت ڪوشش آهي ته متاثرن جي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته 1 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرن کي حڪومت علاج جون سهولتون فراهم ڪيون آهن. جنهن ۾ صحت کاتي ۽ پي پي ايڇ آءِ جي ٽيمون ڏورانهين علائقن ۾ مصروف آهن. هن چيو ته ريهيبليٽيشن جي فيز جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان ڪامياب اجلاس ٿيو آهي. عالمي بينڪ بهتر ريسپانس ڏنو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي 110 ارب روپيا گهرن جي تعمير لاءِ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهي ۾ هڪ ڪمپني جوڙي ويندي، جيڪا ان پوري عمل کي ٽرانسپيرنٽ طريقي سان مڪمل ڪندي. ان کان علاوه عالمي بينڪ ڪراچي ۾ تازين چوماسي برساتن سبب تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي تعمير لاءِ 6 ارب روپيا ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي. جڏهن ته ان ۾ سنڌ حڪومت 7 ارب روپيا پنهنجن وسيلن مان فراهم ڪندي، مجموعي طور تي ڪراچي جي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي تي 13 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جو تخمينو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ان کان پوءِ ڪراچي جي انفرا اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. هن وقت به ڪراچي جي مرڪزي شاهراهن تي بلديات کاتي تحت ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز تمام تيزي ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته تازين برساتن سبب ڪراچي جي انفرا اسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. سنڌ حڪومت روڊن جي بهتري تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ معياري ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ريڪارڊ 400 ملي ميٽر برساتون پيون. ماضي ۾ ڪراچي ۾ 100 ميٽر برساتون پونديون هيون ته سوين قيمتي جانيون ضايع ٿينديون هيون ۽ پاڻي ڪيترائي مهينن تائين بيٺو هوندو هو. هن دفعي سنڌ حڪومت جي سموري مشينري متحرڪ هئي، ماضي جي مقابلي ۾ بهتر طريقي سان ڪم ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي پاڻي کي نيڪال ڪيو ويو. هن چيو ته ڪراچي جا روڊ تمام گهڻا متاثر ٿيا. وزيراعليٰ سنڌ فوري طور تي اربين روپيا ڪراچي جي روڊن جي مرمت جي لاءِ جاري ڪيا. هن چيو ته عالمي بينڪ آبادگارن جي لاءِ 323 ملين آمريڪي ڊالرز ڏيڻ جو به يقين ڏياريو، جيڪو کين ٻج ۽ نئين فصل جي پوکائي جي لاءِ زمين تيار ڪرڻ جي لاءِ فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزير بڻجن بعد پاڪستان جي تاريخ ۾ سفارتڪاري جي محاذ تي ايتري گهٽ عرصي ۾ ايڏي وڏي ڪاميابي ناھي ملي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 4 مهينن جي سفارتڪاري ۾ پوري دنيا تمام گهڻو ريسپانس ڏنو آهي. عالمي ميڊيا ۽ رسالن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٻاهرين ملڪن جي دورن کي تمام وڌيڪ اهميت ڏني آهي. گذريل ڏينهن هن جي جرمني جي دوري تي جرمني ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ 10 ملين يوريو جو اعلان ڪيو آهي. اقوام متحده جي 158 ملڪن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي لاءِ قرارداد منظور ڪئي آهي. هن چيو ته اهو سڀ صرف ڪامياب سفارتڪاري جي ذريعي ئي ممڪن ٿيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پيش ڪيو جنهن جا بهترين نتيجا ملي رهيا آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو ملڪ جي خلاف سازشون ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن به وزيراعظم ملڪ خلاف سازش ڪرڻ جو سوچيو به نه هوندو، پر پي ٽي آءِ جي سربراهه ملڪ خلاف خطرناڪ سازشون ڪيون. پر هن جون سازشون ڏينهنون ڏينهن وائکيون ٿي رهيون آهن، ان جي بي تاريخ ۾ مثال نه ٿي ملي. جيستائين هو اقتدار ۾ هيو ته هڪ ناڪام وزيراعظم هو، ھن کي ڄاڻ ئي نه هئي ته ملڪ جا معاملا ڪيئن هلايا ويندا آهن. هو اقتدار ۾ جعلي طريقي سان آيو ۽ لاڏلو بڻجي ويهي رهيو. هن ملڪ جي بين الاقوامي لاڳاپن کي ڪا به اهميت نه ڏني. اسان جي دوست ملڪن سان پراڻن لاڳاپن کي بگاڙي ويو . اقتدار مان هٽڻ کان پوءِ سازشون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ سائفر جو ڊرامو رچايو . آڊيو ليڪس ۾ هو پنهنجي پرنسيپل سيڪريٽري کي چئي رهيو هو ته سائفر جي نالي تي آمريڪا جو نالو نه کڻجانءِ ، بعد ۾ جلسي ۾ پاڻ ئي آمريڪا جو نالو کڻي رهيو هو. هن چيو ته عمران خان چوندو رهيو ته جيڪي ايم اين ايز ضمير وڪڻن ٿا انهن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو وڃي ۽ انهن جي گهرن تي لوٽا اڇلايا وڃن. آڊيو سان ثابت ٿيو ته عمران خان 5 ميمبر خريد ڪيا. هن هڪ سوال ڪيو ته 5 ميمبر ڪيترن پئسن ۾ خريد ڪيا ويا اها رقم ڪٿان آئي. ڇا اهي شوڪت خانم جي عطيات جا پئسا هئا، بي آر ٽي پشاور جا پئسا هئا يا بلين ٽري سونامي جا پئسا هئا؟ هن چيو ته ان معاملي جي تحقيقات لازمي آهي، ڇو ته هڪ مجرم اقرار جرم ڪيو آهي. هن چيو ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ملڪ جي پوري عدليه کي اپيل آهي ته فوري طور تي عمران خان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ انهن آڊيو ليڪس جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي. ھن چيو ته عدالتن کي گذارش آهي ته سومر ڏينهن ئي سھي ان معاملي تي نوٽس ورتو وڃي. ھن چيو تہ ان معاملي جي مني ٽريل معلوم ڪئي وڃي، ان تي اعليٰ سطحي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي. هن چيو ته عمران خان واحد شخص آهي جيڪو 24 ڪلاڪ تسبيح پڙهندو رھي ٿو ۽ 24 ڪلاڪ ڪوڙ ڳالهائيندو رهندو رھي ٿو. هن چيو ته عمران خان جعلي مولوي بڻجي فتوائون جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان فراڊي شخص کي ملڪ تي مسلط ڪيو ويو جيڪو ملڪ جي لاءِ بدترين خوفائتو خواب ثابت ٿيو. هن چيو ته بسم الله جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪن. پاڻ جيل اچي ، جيڪڏهن هن کي پنجاب جي جيلن مان ڊپ لڳي ٿو ته سنڌ جي جيلن ۾ اچي، هن کي سنڌ حڪومت پائوڊر کان سواءِ هر سهولت ڏيندي. هن چيو ته اختلاف ڪنهن سان به ٿي سگهن ٿا، ان فراڊي شخص ملڪ جي نظام کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن به ملڪ جي خلاف سازش ناهي ڪئي. هن شخص ادارن خلاف مهم هلائي ۽ ادارن جي سربراهن کي به نه بخشيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افسوس جي ڳالهه ته اسانجي وزير داخله جي خلاف ناقابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ٿيا آهن. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ جيڪڏھن بهتر پوليس آهي ته اها سنڌ پوليس آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کان پهريان هاءِ ويز تي ڪانوائي ۾ گاڏيون هلنديون هيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت امن امان جي صورتحال تي ضابطو آندو ،سنڌ پوليس سفوران سانحي سميت هاءِ پروفائيل ڪيس حل ڪيا. اڄ مون کي سنڌ پوليس جي وڏي ڪامياب ڪاروائي جي رپورٽ ملي آهي جيڪا سڀاڻي پريس ڪانفرنس ۾ سامهون آڻيندس. ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن جي سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت پهرئين ڏينهن کان اليڪشن جي لاءِ تيار آهي، پر برسات سبب اليڪشن موخر ٿيون. هن چيو ته پوليس هن وقت رليف جي ڪاررواين ۾ مصروف آهي. جيڪڏهن ٻوڏ جي صورتحال نه ٿئي ها ته پوري سنڌ مان پوليس فورس ڪراچي پوليس جي مدد جي لاءِ مقرر ڪئي وڃي ها. ھن چيو ته مڪاني چونڊون گهٽي ۽ محلي جون چونڊون آهن. هر پولنگ اسٽيشن تي سيڪيورٽي گهرجي. هن وقت اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن ۽ پاڪستانين جي ترجيح ٻوڏ متاثرن جي مدد ھئڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ٺوس بنيادن تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ھو. مخالفن جي ڪوشش آهي ته سنڌ حڪومت جيڪا بهترين ڪم ڪري رهي آهي ان تي تنقيد ڪرڻ جو ڪو موقعو ضايع نه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن مڪاني چونڊون ٽن ، چئن مهينن لاءِ ملتوي ٿين تہ ان ۾ ڪو مسئلو ناهي.
آڪٽوبر 9, 2022