پاڻي ڪڍڻ لاءِ گهربل مشينري ۽ ڊيزل جي فراهمي لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو آهي: ڊي سي مٽياري  

Spread the love

مٽياري (رپورٽر)  مٽياري ضلعي جي متاثر علائقن مان برسات جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان 57 هزار لٽر ڊيزل جو بندوبست ڪيو آهي جنهن ذريعي مٽياري، هالا ۽ نيوسعيدآباد تعلقن جي متاثر 12 يونين ڪائونسلن مان برساتي پاڻي ڪڍيو ويندو، جنهن لاءِ ضلعي انتظاميه مٽياري ديهه وائيز  ماسٽر پلان  کي حتمي شڪل ڏني آهي، ضلعي انتظاميه کي 7 ڪروڙ 40 لک روپيا مليا آهن جيڪي امدادي سرگرمين، پاڻي جي نيڪالي تي خرچ ڪيا پيا وڃن.  اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد، ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ۽ پيپلز پارٽي ضلعي مٽياري جي صدر سيد علي حسين شاهه ڄاموٽ سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پاڻي ڪڍڻ لاءِ گهربل مشينري توڙي ڊيزل جي فراهمي لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو آهي، ٿي سگهو ٿو ته انهن فنڊز جاري ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي پر متاثر عوام کي وڌيڪ تڪليفن کان بچائڻ ۽ پاڻي جي نيڪالي هنگامي بنيادن تي شروع ڪرڻ لاءِ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن وزير روينيو سنڌ مخدوم محبوب الزمان اوڌر تي ڊيزل فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي جنهن جي فراهمي اڄ کان شروع ٿي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ٻڌايو ته ضلعي جي متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ضلعي جي آبپاشي، روينيو جي عملدارن، سياسي قيادت، آبادگارن ۽ معززن جي مشاورت سان ماسٽر پلان جوڙيو ويو آهي جنهن لاءِ فنڊز بابت سنڌ حڪومت کي درخواست ڪئي ويئي آهي ۽ اميد آهي ته جلد فنڊز ريليز ٿي ويندا، سڀني ڌرين جي سهڪار سان ئي ماسٽر پلان تي عمل ممڪن هوندو ڇو ته پاڻي ڪڍڻ وڏو چيلنج آهي، ڊيزل انتظاميه ڏيندي لفٽ مشينون زميندارن جون هونديون جتي ضرورت پئي ته انتظاميه مشينري به ڏيندي. هڪ سوال تي ته ڊيزل يا مشينري صرف انهن ماڻهن کي ملي ٿي جيڪي احتجاج ڪن ٿا، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد چيو ته اها ڳالهه غلط آهي، انتظاميه پاران پاڻي ڪڍڻ لاءِ ديهه وائيز جوڙيل پلان موجب بنا ڪنهن سياسي فرق جي مشينري ۽ ڊيزل ڏنو ويندو، هي پلان صرف انهن ماڻهن لاءِ ناهي جيڪي روڊ تي احتجاج ڪن ٿا بلڪه سموري ضلعي لاءِ آهي، امدادي سرگرمين لاءِ ضلعي کي مليل فنڊز بابت پڇيل سوال تي دپٽي ڪمشنر مٽياري ٻڌايو ته شروعاتي طور تي ضلعي کي 5 ڪروڙ 60 لک روپيا مليا جيڪي هنگامي امدادي سرگرمين، رليف ڪيمپن ۾ ترسيل 15 هزار کان وڌيڪ متاثرن جي کاڌ خوراڪ، ٽرانسپورٽ ۽ پاڻي ڪڍڻ تي استعمال ڪيا ويا، هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 3 هزار متاثر ترسيل آهن. هن ٻڌايو ته هڪ ڪروڙ 80 لک روپيا سعيدآباد تعلقي جي چار متاثر يونين ڪائونسلن جو پاڻي مارک واهه ذريعي ڪڍڻ لاءِ مليا جيڪي پائيپ، کوٽائي ۽ مشينري جي خريداري ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ خرچ ڪيا پيا وڃن، اتي ڪم تيزي سان جاري آهي. ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر مٽياري شهر جي ڪجهه حصي مان برسات جو پاڻي اڃان تائين نه نڪرڻ بابت سوال تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد چيو ته ٽائون انتظاميه وٽ محدود وسيلا هئڻ سبب اهو مسئلو آهي، ضلعي انتظاميه گهربل مشينري، ڊيزل ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف جي مدد فراهم ڪئي آهي، شروعات ۾ ڇنڊڻ بند هئڻ سبب شهر جو پاڻي ڪڍڻ ۾ دير ٿي، پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڊسپوزل جا به مسئلا هئا، برسات ايتري پئي جو پاڻي نيڪالي واري نظام ۾ گنجائش نه هئي، ڊسپوزل مڪمل طور تي فعال ڪرڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ کاتي کي هدايتون ڏنيون آهن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته مڇرمار اسپري لاءِ فيوميگيشن جي خريداري لاءِ مليل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري کي مليل  2 ڪروڙ روپين مان هڪ هفتي اندر مشينون خريد ڪيون وينديون جنهن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. آئل اينڊ گيس جي مد ۾ رکيل فنڊز امدادي سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ بابت پڇيل سوال تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري چيو ته پاليسي مطابق اهي فنڊز مخصوص شعبن ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا انهن کان ٻاهر فنڊز لاءِ جڙيل ڪميٽي کي به اختيار نه آهي ته اها رقم ٻئي پاسي استعمال ڪري سگهجي.

آڪٽوبر 4, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو