پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري، عمران خان گرفتاري جي ڊپ کان کِسڪي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. مارگلا ٿاڻي جي علائقائي مئجسٽريٽ عورت مئجسٽريٽ زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. گرفتاري وارنٽ مارگلا ٿاڻي ۾ 20 آگسٽ تي داخل ڪيل ڪيس ۾ جاري ڪيا ويا، ڪيس ۾ عمران خان خلاف قلم 506/504 ۽ 189/188 لڳل آهي، عمران خان خلاف مارگلا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جو نمبر 407 آهي. ڪيس ۾ قلم 506 ڌمڪي جوڳي بيان تي داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ بني گالا رواني ٿي وئي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان بني گالا کان اڻڄاتل هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب عمران خان سان گڏ علي امين گنڊاپور به آهي، عمران خان گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ سخت سيڪيورٽي ۾ بني گالا کان روانو ٿيو، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه پوليس جا اهلڪار به ساڻس گڏ هئا.ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب گرفتاري وارنٽ ھڪ قانوني عمل آھي، عمران خان گذريل ٻڌڻيءَ تي پيش نه ٿيو ھو. ان جي عدالت ۾ پيشي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا آھن. معزز عدالت دھشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو.ان حڪم کانپوءِ ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ منتقل ڪيو ويوھو.عمران خان سيشن ڪورٽ مان اڃا تائين پنھنجي ضمانت ناھي ڪرائي. پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي گرفتار ڪري سگھجي ٿو.
آڪٽوبر 2, 2022