ٽرمپ جي گھر تي ڇاپو لڳي سگھي ٿو ته بني گالا تي ڇو نه، سائفر برآمد ڪيو وڃي: مريم نواز
لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ٽرمپ جي گهر ڇاپو هڻي ڳجها دستاويز هٿ ڪيا ويا، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته جيترا دفعا آڊيو ٻڌندئو، توهان کي خبر پوندي ته ملڪ سان ڪيڏي وڏي راند کيڏي وئي، مان ان شخص کي پنهنجي گهر کي ٻاهرئين دَر کان به اندر اچڻ نه ڏيان، ن ليگ جون ڪيتريون به آڊيوز سامهون اچن، انهن ۾ ملڪ خلاف ڪا ڳالهه نه هوندي، ن ليگ پاڪستان جي سلامتي تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪندي. هن چيو ته عمران خان هن صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪوڙو آهي، سازش جو ماسٽر مائنڊ فارن فنڊد فتنو عمران خان آهي، اها رڳو سازش ناهي، اها ٽيمپرنگ ٿي آهي، هن سوچيو ٽرانسڪرپٽ جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر، سازش ڪري ڇڏيو، توهان پاڪستان جي ڳجهن دستاويزن سان جعلسازي ڪئي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم مون کي ٻڌايو ڪو به ملڪ پاڪستان کي خط لکڻ لاءِ تيار ناهي، ٻيا ملڪ پاڪستان سان ڳالهائڻ کان ڊڄن ٿا، آڊيوز ان فتني خلاف فرد جرم آهي، اهو شخص پاڪستان ۾ فتنو پيدا ڪري ٻاهران ڊالر وٺندو رهيو، پاڪستان دشمنن عمران خان جي کيسي ۾ ڪروڙين رپيا وڌا، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڏسو، عمران خان ويندي ويندي آئين ٽوڙيو، پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت مان توهان خلاف فيصلو آيو ته توهان آئين ٽوڙيو. مريم نواز الزام هنيو ته سائفر جي ڪاپي وزيراعظم هائوس مان گم آهي، عمران خان وزيراعظم هائوس مان ويندي ويندي منرل واٽر جون ٻه هزار بوتلون به گڏ کڻي ويو، بني گالا تي ڇاپو هڻي سائفر برآمد ڪيو وڃي. ن ليگ نائب صدر چيو ته عمران خان جي آڊيوز سان حيرانگي نه ٿي، عمران خان جي مٿي تي غداري جو ليبل لڳو، اڄ تائين اهڙو ليبل ڪنهن وزيراعظم تي نه لڳو، نواز شريف 5 ارب ڊالرن جي آڇ ٿڏي ڇڏي، ان کي چوندا آهن ايبسلوٽلي ناٽ، ٽرمپ جي گهر ڇاپو هڻي ڳجها دستاويز هٿ ڪيا ويا، ائين ئي سائفر جي برآمدگي لاءِ بني گالا تي ڇاپو هڻڻ گهرجي.
آڪٽوبر 2, 2022