بينظير ڀٽو جي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پاران رليف ڪيمپ جو دورو
سڪرنڊ(رپورٽر) بينظير ڀٽو جي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري تعلقي سڪرند جي ويجهو ٻوڏ متاثر ڳوٺ مستي خان چانڊئي پھتي، آصفه ڀٽو زرداريمتاثرن لاءِ قائم ڪيل رليف ڪيمپ جو دورو ڪيو .آصفه ڀٽو زرداري ڪيمپ ۾ عورتن کان مسئلن بابت ڄاڻ ورتي. دوري بعد آصفه ڀٽو زرداري پنھنجي سماجي رابطن جي سائٽ ٽوئٽر تي چيو آهي تہ ” بحرانن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون متاثر ٿين ٿيون ، آصفه ڀٽو چيو ته ڪيمپن ۾ رھائش دوران ۽ ان کان بعد به اسان کي عورتن ۽ ٻارن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته عورتون ۽ ٻار سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ھوندا آهن.
آڪٽوبر 2, 2022