ڪراچي: جماعت اسلامي ۽ ٽرانسجينڊر اڳواڻن ۾ اهم گڏجاڻي  

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ٽرانسجينڊر اڳواڻن ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ ٽرانسجينڊر بل بابت ملڪ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۽ بل جي نقطن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ جماعت اسلامياڳواڻ مسلم پرويز، ڪوليشن فار انڪليوسو پاڪستان ڪراچي ريجن جي اڳواڻ نسيم شيخ، ٽرانسجينڊر اڳواڻن بنديا رانا، زهرش خانزادي، شھزادي راءِ ۽ ايڇ آر سي پي اڳواڻ ڪليم دراني شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته بل بابت سمورا معاملا گڏيل صلاح مشوري ۽ سهڪار سان حل ڪيا ويندا.

آڪٽوبر 1, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو