ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 7 سالن جي سزا ڪالعدم قرار، مريم نواز بري  

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن(ر) صفدر کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ مريم نواز طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان ڪيترائي سوال پڇيا جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي پنهنجا دليل ڏنا پر هو عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اسان عوامي ڄاڻ يا ڪنهن ٻئي جي ٻڌايل ڳالهين تي فيصلو نٿا ڪري سگهون. مريم نواز پبلڪ آفيس هولڊر نه هئي ان لاءِ سندس مٿان اثاثن جو ڪيس نٿو ٺهي. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي چيو ته اسان جو موقف آهي ته نوازشريف اهي ملڪيتون مريم نواز ذريعي لڪايون ان تي جسٽس عمر فاروق چيو ته اوهان جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو ان کي شاهدين سان ثابت ڪريو اوهان هيڏانهن هوڏانهن نه وڃو جيڪو اوهان چيو ان کي ثابت ڪريو. مظفر عباسي چيو ته هي پرڏيهي ملڪن ۾ ٺاهيل ملڪيت جو ڪيس آهي جنهن جا دستاويزات به اتي ئي آهن. جيڪو رڪارڊ پهچ ۾ هو اهي دستاويزات آندا؟ ان تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان هن ڪيس کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ٺاهي سگهو ٿا، واجد ضيا کي خبر پئي هئي ته هي پنج سئو ملين ماليت آهي ته دستاويزات گهرائي سگهجن ٿا. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اها ڳالهه جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل بيان جي آهي اها واجد ضياءَ پنهنجي بيان ۾ ذڪر ڪري چڪو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل سي ايم اي نوازشريف جو بيان نه آهي. جيڪي به دستاويزات سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيا انهن جي جاچ ناهي ٿي نيب کي جاچ ڪرڻي هئي جيڪا نه ڪئي وئي. عدالت نيب کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان دستاويزن مان ٻڌايو جيڪو هنن سي ايم اي ۾ چيو اهو غلط آهي يا صحيح؟ اوهان ڪٿي ثابت ڪيو آهي ته هي سموري ملڪيت نواز شريف جي آهي جيڪڏهن نوازشريف جو ڪردار ثابت هوندو تڏهن ئي مريم جي ڪردار کي ڏسنداسين. پراسيڪيوٽر صاحب ڪيس تقريبن مڪمل ٿي ويو آهي. هاڻ اهو ڊاڪومينٽ ڏيکاريو جيڪو لڪل آهي. مريم نواز جي وڪيل چيو ته هنن وٽ سرٽيفائيڊ ڊاڪيومينٽ جي فوٽو ڪاپي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۾ نوازشريف ۽ مريم نواز جو تعلق ثابت ناهي ٿي رهيو. نيب عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن کان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ڪجهه دير کان پوءِ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني فيصلو ٻڌايو ان دوران مريم نواز کي روسٽرم تي گهرايو ويو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي چئن سالن کان پوءِ اپيلون منظور ڪندي کين بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ کين ٻڌايل 7 سالن جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. ان سان گڏ ئي سندن نااهلي به ختم ٿي وئي. فيصلو ٻڌندي ئي مريم نواز والد نوازشريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. مريم نواز فيصلي تي والد نوازشريف کي مبارڪباد ڏني جنهن کان پوءِ عدالت جي ٻاهران ن ليگي ڪارڪنن خوشي وچان نعريبازي ڪئي.

سيپٽمبر 30, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو