آصف زرداري جي طبعيت خراب، اسپتال داخل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبعيت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ کيس ڪلفٽن جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم جي سربراهي ۾ ماهر ڊاڪٽرن جو بورڊ آصف علي زرداري جو معانئو ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي ڦڦڙن جو پروسيجر سڀاڻي ڪيو ويندو، ٻيون ٽيسٽون ڦڦڙن جي پروسيجر کانپوءِ ڪيون وينديون.
ذريعن موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان بيمار آهي.
سيپٽمبر 28, 2022