ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 63 رنز تان شڪست

Spread the love

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ پاڪستان ۾ 7 ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين ميچ ڪراچي ۾ کيڏي وئي جيڪا انگلينڊ 63 رنز تان پاڪستان کي شڪست ڏئي کٽي ورتي. پاڪستان 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنز ٺاهي سگهيو. جاري آهي. بابر اعظم تاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنز ٺاهي پاڪستان کي تاريخي 222 جو وڏو ٽارگيٽ ڏنو.

ٽارگيٽ چيزنگ لاءِ بابر ۽ رضوان ميدان ۾ آيا. 17 جي مجموعي اسڪور تي بابر اعظم هڪ چوڪو هڻي 8 رنس ٺاهي مارڪ ووڊ جي بال تي ريس ٽوپلي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد رضوان به ٻوٽو نه ٻاريو14 بالن تي هڪ چوڪو هڻي 8 رنز تي هو به ٽوپلي جي بال تي بولڊ ٿي پويلين ڀيڙو ٿيو. ٽئين اوور ۾ بابر ۽ چوٿين اوور ۾ رضوان جي آئوٽ ٿيڻ بعد پنجين اوور ۾ حيدر علي 21 جي مجموعي اسڪور تي مارڪ ووڊ جي بال تي عادل رشيد هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد افتخار احمد شان مسعود جو ساٿ ڏنو پر هو به نه ڄمي سگهيو ۽ هڪ چوڪو هڻي 7 بالن تي 6 رنز ٺاهي سيم ڪرن جي بال تي ريس ٽوپلي هٿان ڪيچ ٿيو. ان بعد خوشدل ۽ شان مسعود بهترين اسٽرڪس کيڏيا پر خوشدل عادل رشيد جي بال تي هيري بروڪ هٿان ٻن چڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 21 بالن تي 29 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. جنهن بعد محمد نواز آيو ۽ شان سان گڏ بهتر اسٽروڪس کيڏيا پر تيسين ڪافي دير ٿي چڪي هئي. 15 اوور جي پڄاڻي تي پاڪستان جو اسڪور 5 وڪيٽن جي نقصان تي 115 ٿي چڪو هو. 16 اوور ۾ ڇڪو هڻي ففٽي مڪمل ڪري اسڪور 127 تائين پڄايو پراڃان پهاڙ جيڏو ٽارگيٽ باقي هو. ارڙهين اوور ۾ نواز عادل رشيد جي بال تي ٻن چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 19 رنز ٺاهي هيري بروڪ هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد عثمان قادر بنا رن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ۽ حارث رئوف هڪ چوڪو هڻي مارڪ ووڊ جي بال تي سيم ڪرن هٿان ڪيچ ٿيو. آخري 5 بالن تي 72 رنز گهربل هيون. آخري اوور جي آخري بال تي شان مسعود چوڪو هڻي 4 چڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 40 بالن تي 66 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو پر پاڪستان کي 63 رنز تان شڪست ملي چڪي هئي. پاڪستان 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنز ٺاهي سگهيو.  ان کان اڳ فل سالٽ ۽ وِل جيڪس اننگ جي شروعات ڪئي. ايلڪس هيلز ڊيوڊ وِلي ۽ ليوڪ ووڊ کي نه کيڏايو ويو. انگلينڊ حسب روايت جارحاڻي انداز م شروعا ڪئي ۽ اننگ جي ٽئين اوور ۾ 18 جي مجموعي اسڪور تي محمد حسنين فل سالٽ کي 8 رنز تي محمد نواز هٿان ڪيچ ڪرايو. هن ڪيچ لاءِ ٽي پليئر ٽڪرايا ۽ ذري گهٽ حسنين نواز جي هٿ مان بال ڪيرايو پر بچي ويو. جنهن بعد وِل جيڪس ۽ ڊيوڊ ملن شاندار شاٽس کيڏيا ۽ رن ريٽ 10 کان هيٺ اچڻ نه ڏنو ستين اوور ۾ 61 جي مجموعي اسڪور تي عثمان قادر جي بال تي ڊيوڊ ملن ٻن چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 13 رنز ٺاهي حيدر علي هٿان ڪيچ ٿيو. 82 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان کي ٽئين وڪيٽ به عثمان قادر نائين اوور ۾ ڏياري جڏهن سندس بال تي ول جيڪس محمد نواز هٿان ڪيچ ٿيو. 8 چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 40 رنز اسڪور بعد آئوٽ ٿيڻ تي به جيڪس خوش نه هو. جنهن بعد بين ڊَڪٽ ۽ ڊيبيو ڪندڙ هيري بروڪ ڀرپور اسٽروڪس کيڏندي رن ريٽ 10 کان هيٺ اچڻ نه ڏنو ۽ ٻنهي جي پارٽنر شپ 50 ڪراس ڪيو. 14 اوورز ۾ 139 تي 3 آئوٽ هئا. سورهين اوور ۾ ڏاهاڻي کي هڪ ڇڪو ۽ 2 چوڪا هڻي 24 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. 16 اوور مڪمل ٿيڻ تائين بروڪ واحد بيٽر هو جنهن 4 ڇڪا هنيا ٻيو ڪو به بيٽر 17 هون اوور مڪمل ٿيڻ تائين ڇڪو نه هڻي سگهيو هو. بين ڊڪٽ 30 بالن تي 7 چوڪن جي مدد سان سترهين اوور ۾ ففٽي مڪمل ڪئي. ارڙهون اوور حسنين ڪرايو بين ڊڪٽ پهرين بال تي ڇڪو هنيس 18 اوور مڪمل ٿيڻ تي انگلينڊ جو اسڪور 192 ٿي چڪو هو. 19 هون اوور ڏاهاڻي ڪرايو بروڪ پهرين بال تي چوڪو هنيو انگلينڊ 200 رنز ڪراس ڪيا. 19 هين اوور ۾ 19 رنز ٺهيون، ڏاهاڻي 4 اوورز ۾ بنا وڪيٽ جي 62 رنز ڏئي مهانگو ترين بالر ٿابت ٿيو. آخري اوور حارث رئوف ڪرايو، وڪيٽ ته هن کي به نه ملي پر هن 4 اوورز ۾ رڳو 39 رنز ڏنيون. نواز 34، حسنين 36 ۽ عثمان قادر 48 رنز ڏنيون. هيري بروڪ 5 ڇڪن 8 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 81 ناٽ آئوٽ جي ساندار جارحانڻي اننگ کيڏي. جڏهن ته بين ڊڪٽ هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 70 رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو.

سيپٽمبر 24, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو