عمران خان مسلسل حدون اورانگهي رهيو آهي، اهڙي شخص کي جيل ۾ هجڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان مسلسل حدون اورانگهي رهيو آهي آهي، هن ملڪ جي هر اداري کي تقراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي چوي ته سندس پسند جو آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي اها ڪوشش آهي ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ نه ٿئي، جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿيو ته پي ٽي آءِ وارا ڀڄي ويندا. هن چيو ته عمران خان ڊڄڻو شخص آهي جيڪو مسٽر ايڪس ۽ واءِ جو نالي به نٿو کڻي سگهي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي سياست سنڌ مخالف رهي آهي، پي ٽي آءِ رڳو سوشل ميڊيا جي بنياد تي هلي رهي آهي، انهن وٽ عوامي سگهه ناهي، ملڪ هن وقت ٻوڏ جهڙي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هي وري نفرت واري سياست ڪري رهيو آهي اهڙي شخص کي جيل ۾ هجڻ گهرجي، هن ملڪ جي هر اداري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي . صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار ۽ انتظاميا لکين ٻوڏ متاثرن کي کاڌو فراهم ڪري رهي آهي، سڄي صوبي ۾ ڊينگي جا 44 وارڊز قائم ڪيا ويا آهن، مقامي انتظاميا طرفان ڊينگي ۽ مليريا جي اسپري ڪيا پيا وڃن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جو سڄو ڌيان هن وقت پاڻي نيڪال ڪرڻ تي آهي، پاڻي جي نيڪالي کانپوءِ ئي ٻيون سرگرميون ڪنداسين، حڪومت جو فوڪس آهي ته جن جا گهري ڊهي ويا آهن انهن کي نوان گهر ٺاهي ڏنا وڃن.

سيپٽمبر 22, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو