سموري سنڌ جو مسئلو پاڻيءَ جو نيڪال آھي، ٻوڏ متاثرن جا مسئلا حل ڪنداسين: وڏو وزير
گهوٽڪي/ڪنڌڪوٽ/ شڪارپور/ ميرپورماٿيلو/ ڪشمور (نمائندن وٽان ) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي پهچي ويو جتي هن ٽينٽ سٽي ۾ موجود ٻوڏ متاثرن کان حال احوال ورتا. وڏي وزير ٻوڏ متاثرن کي جلد کان جلد ريليف فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. رپورٽ موجب اوٻاوڙو ڀرسان رانوتي جي گهوٽڪي فيڊر جي ڪپر تي قائم ڪيل برسات متاثر جي لاءِ قائم ٿيل ٽينٽ سٽيتي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ڄام خان شورو، سردار شهريار خان شر، سينيٽر ڄام مھتاب ڏهر ۽ صوبائي وزيرن سان گڏ پهچي دورو ڪيو دوري دوران وڏي وزير ٽينٽ سٽي ۾ موجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کان حال احوال ورتا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته اسان سموري سنڌ جي برسات متاثر ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهيون اسان جي ڪوشش آهي ته هر ضلعي ۾ ڊي سيز جي نگراني هيٺ ڪم جاري آهي جلد انهيءَ متاثر ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته آبادين ۾ موذي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ اسپري ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون آهن انشاءَالله جلد سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته گهوٽڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ آيو آهيان، هتي پاڻي جي نيڪالي ۽ صحت جا مسئلا آهن. هن چيو ته ڊي ايڇ او کي صحت جي بهتري لاءِ هدايتون ڪيون ويون آهن ۽ انتظاميا کي پاڻي جي نيڪالي لاءِ قدم کڻڻ جو به چيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان متاثرن جا مسئلا حل ڪنداسين، تنهن ڪري هتي آيو آهيان. ٻئي پاسي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه جروار ۽ يارو لنڊ پهتو، جتي کيس برسات سبب ٿيل تباهين تي بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جروار ۽ يارو لنڊ يوسيز ۾ مسئلو آهي، حل ڪرڻ آيو آهيان، شهري آبادين مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته آبادين ۾ بيمارين کان بچاءَ وارا اسپري ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو. ٻئي پاسي وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف شڪايتون پڻ ڪيون
سيپٽمبر 22, 2022