صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ لياري ٽائون لاءِ پاڻيءَ جي نئين لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران لياري جي عوام لاءِ اهم تحفو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ لياري ٽائون لاءِ پاڻي جي نئين لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو پراڻي سبزي منڊي سنڌي هوٽل پل کان ٻڪرا پڙي پل تائين 32 انچ قطر جي نئين پاڻي جي لائين وڇائي ويندي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جو تقريب کي خطاب منصوبو مڪمل ٿيڻ سان لياري ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سيد ناصر حسين شاھ تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي عملدرآمد ڪندي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران لياري جي عوام لاءِ اهم قدم کڻندي لياري ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پاڻي جي نئين لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سيد ناصر حسين شاھ لياري ٽائون لاءِ پراڻي سبزي منڊي سنڌي هوٽل پل کان ٻڪرا پڙي پل تائين 32 انچ قطر جي نئين پاڻي جي لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب جي موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي لياري منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته لياري ٽائون لاءِ 32 انچ قطر جي نئين پاڻي جي لائين جو منصوبو 8 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان کان علاوه منصوبو مڪمل ٿيڻ سان روزانو 27 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو جڏھن ته منصوبي تي 960 ملين روپين جي لاڳت ايندي، تقريب جي مهمان خاص سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پاران لياري جي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ڪندي پراڻي سبزي منڊي سنڌي هوٽل پل کان ٻڪرا پڙي پل تائين 32 انچ قطر جي نئين پاڻي جي لائين جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ انشاء الله اھيو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان لياري ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، جڏهن ته وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا مسئلا بھتر انداز سان حل ڪري رهيا آهن، ھن وڌيڪ چيو تہ لياري پاڻي منصوبي جا سمورا فنڊ سنڌ حڪومت ادا ڪندي، افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزير محنت سعيد غني، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيرسٽر مرتضي وھاب، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد نجم شاھ، ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي، چيف انجينئر واٽر محمد حنيف بلوچ، پي پي اڳواڻ جاويد ناگوري، اسٽاف آفيسر الاهي بخش ڀٽو، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر محمد رياض، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر تنوير احمد شيخ سميت ٻين اعلي عملدارن شرڪت ڪئي.
سيپٽمبر 19, 2022