شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو بهادر ۽ مثالي اڳواڻ هو: بلاول ڀٽو زرداري  

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي سندس 68هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو انتهائي بهادر ۽ ڪڏهن هار نه مڃيندڙ جذبي سان مثالي اڳواڻ هو. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سڄي زندگي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. هن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو عزم، حوصلو، ثابت قدمي، جدوجهد ۽ ڪارڪن دوستي اسان لاءِ مشعل راه آهي. بلاول ڀٽو موجب شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جيالن ۽ پاڪستاني عوام جي دلين ۽ تاريخ ۾ سدائين جيئرو رهندو.

سيپٽمبر 19, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو