بابا مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي کليل دل سان پيار ڪندو هو: فاطمه ڀٽو  

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 68 هين سالگرا ملهائي وئي، فاطمه ڀٽو پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته مان پنهنجي والد کي سدائين ياد رکيو آهي، سندس ڏاڍي ٿورائتي آهيان جو دنيا کي پهريون ڀيرو هن جي نظرن سان ڏٺو. ٽوئيٽ ۾ فاطمه ڀٽو چيو تھ هن جي چوڌاري هڪ موسيقيت موجود هوندي هئي، هو مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي کليل دل سان پيار ڪندو هو، ذوالفقار ڀٽو جونيئر پنهنجي ٽويٽ ۾ شهيد مرتضيٰ جي يادگار تقرير واري وڊيو ٽويٽ ڪري ڇڏي. ذوالفقار جونيئر پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو ته هي ڪلپ ان ظالماڻي صورتحال جو خلاصو آهي جنهن کي سنڌي ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن، اها يزيد جي تير جي ضرب آهي، شهيد مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي ان تقرير ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊ نشان کي يزيد جو تير قرار ڏنو هو

سيپٽمبر 19, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو