ڪي پي ٽي 23 ڪروڙ رپيا ميونسپل ٽيڪس ايم سي کي ادا ڪيا آهن: مرتضيٰ وهاب  

Spread the love

ڪراچي (پورٽر) ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ميونسپل ٽيڪس جا 23 ڪروڙ رپيا ڪراچي ميٽرو ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) حوالي ڪري ڇڏيا. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪي پي ٽي ڪراچي جي ميونسپل ٽيڪس ادا نه ڪري رهي هئي ۽ هاڻي ڪي پي ٽي ڪي ايم سي جو ٽيڪس ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ميونسپل ٽيڪس جا 23 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن. ايم سي هن وڌيڪ چيو ته سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ ٻه ارب رپيا ڏنا پيا وڃن. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ميونسپل ٽيڪس جي پي ٽي آءِ تي هڪ ارب رپيا واجب الادا آهن، ٽيڪس کانسواءِ شهر نٿو هلي، اڳ ٽيڪس گڏ نه ٿيندو هو، هاڻي ڪي اليڪٽرڪ تحت گڏ ڪري شهر لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

سيپٽمبر 17, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو