معاشري مان ڪتاب پڙهڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي: مقرر
ڪراچي(رپورٽر) معاشري مان ڪتاب پڙهڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي، ادب دوستي جي صورتحال اها آهي جو جوتا شيشي جي دڪان ۽ ڪتاب گاڏن تي ملن ٿا، ان باوجود ادب دوستن کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي جئين معاشري کي وڌ کان وڌ ڄاڻ ملي سگهي اهڙو اظهار ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ نوجوان ليکڪ عبدالله مورائي جي سفرنامي مسافتون جي مهورتي تقريب کي مقررن خطاب ڪندي ڪيو.پروفيسراعجازقريشي چيو ته مسافتون سفرنامو نوجوانن کي پڙهڻ گهرجي، ان سان دنيا جي معلومات ملندي، ڪتاب وڪرو ٿيڻ يا نه ٿيڻ کي نظر انداز ڪندي اڳتي وڌڻو آهي، هن چيو ته ليکڪ سفرنامي ۾ چيو آهي ته سفر سان انسان وري چارج ٿي وڃي ٿو ۽ پنڌ گهمڻ ۾ مزو ئي پنهنجو آهي، پروفيسر اعجاز قريشي ليکڪ کي تجويز ڏني ته ڪتاب ۾ يورپ جي ذڪر ۾نوجوانن کي روس ۽ يوڪرين جنگ بابت به ڄاڻ ڏيڻ گهربي هئي، سفرنامي جي ليکڪ عبدالله مورائي چيو ته خوابن جي ساڀيان لاءِ 17 هين گريڊ جي نوڪري ڇڏي ڏني، وطن ڇڏي سوئيڊن پهتس ته گهڻي سيءَ واري موسم جو مقابلو ڪرڻو پيو، پر خوابن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي، هن چيو ته عوامي آواز سميت ٻين اخبارن ۾ ڇپيل آرٽيڪلن تي ٻڌل ٻيو ڪتاب ايندڙ سال مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.ليکڪ اسحاق سومرو چيو ته ادارن کي گهرجي ته اهي ڪتابن جي ڇپائي ڪن، ڇاڪاڻ ته ليکڪ هڙان وڙان ڪري هڪ هزار ڪاپيون ڇپائين ٿا، سماجي اڳواڻ اعجاز خواجا چيو ته ڪتاب پڙهڻ وارا گهٽجي ويا آهن، سنڌي اخبارن سنڌي ٻولي جي ڀينگ ڪئي آهي، انهن ٻولي جي بگاڙ کان نه گهٽايو آهي، هن چيو ته هر سال ڪتابن تي ايوارڊ ملڻ گهرجي، ڪتابن جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي، اسان جي ملڪ ۾ جوتا شيشن وارن دڪانن تي وڪرو ٿين ٿا پر ڪتاب وري گاڏن تي ملن ٿا.اديب شاعر رکيل مورائي چيو ته سنڌي ادب وارن ڪتابن جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، ڪتاب ذريعي ئي معاشرن کي پيغام ملي ٿو، مهورتي تقريب کي صحافي ايڇ اي خانزاده، رحمت پيزادو ۽ رفيع الدين جوڻيجو خطاب ڪيو. ان موقعي تي قلمڪارن حسين جاگيراڻي، جاويد شيخ، بخشل باغي، اسد ڪريم سومرو، ۽ اعجاز قريشي کي ايوارڊ ڏنا ویا۔
سيپٽمبر 17, 2022