عمران کي لاڏلو نه بڻائين ته اتحادي جماعتون کيس ٽن ڏينهن ۾ گهمائي وٺن: مريم نواز
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته لاڏلو مخالفن لاءِ نه پر ملڪ لاءِ خطرو بڻيل آهي، عمران خان جو مسئلو حل ڪرڻ 3 ڏينهن کان وڌيڪ جو ڪم ناهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته اسان جي ملڪ مٿان آف آيل آهي. حڪومت ٻوڏ متاثرن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي. شهباز شريف جي ڪنهن هڪ صوبي ۾ حڪومت ناهي هو سمورين جڳهين تي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته 5 ارب روپيه سوشل ميڊيا تي جمع ٿيا ۽ سوشل ميڊيا تي ئي ورهايا ويا، عمران خان گاڏيون، هيليڪاپٽر ۽ ٻيا وسيلا استعمال ڪري فوٽو سيشن لاءِ ويندو آهي. اوهان جي ٻن صوبن ۾ حڪومت اهي. اوهان وفاقي حڪومت مٿان الزام مرهي اڪيلا نٿا نڪري سگهون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته طلال چوڌري، دانيال عزيز ۽ نهال هاشمي کي ته معافي ناهي ملي. عدالت کي ڏسڻ گهرجي ته هو هڪ فتني کي ڇو موقعو ڏئي رهيون آهن، عمران خان طرفان تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ بابت سوال تي مريم نواز چيو ته چونڊن جي تاريخ گهرجي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون توڙي ڇڏيو مريم نواز چيو ته حڪومت کي نه عمران خان جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي ۽ نه ئي کيس استيڪ هولڊرز سمجهڻ گهرجي ڇو ته هو اهو شخص پاڪستان جي لاءِ تباهي ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته مذهب تمام گهڻو مقدس آهي ان کي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. سياست ته عبادت آهي، سياست صرف اقتدار حاصل ڪرڻ تائين ناهي هوندي. مان پاڻ اهو سڀ ڀڳتي چڪي آهيان. احسن اقبال به گولي کاڌي، تحريڪ انصاف منهنجي والده خلاف اين اي 120 جي چونڊ وڙهي ئي توهين جي بنياد تي هئي. هن چيو ته عمران خان جو مسئلو حل ڪرڻ 3 ڏينهن کان وڌيڪ جو ڪم ناهي. چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيندو ڪنهن پرڏيهي فنڊ، فني جي مطالبني تي فيصلو نه ٿيڻ گهرجي. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي مريم نواز چيو ته پاڪستان جي دشمنن هن کي فنڊ ڏنا آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ايڪسٽينشن بابت سوال تي مرمي نواز چيو ته جڏهن جنرل باجوه جي ايڪسٽينشن جو وقت ايندو تڏهن ان تي تبصرو ڪندس، اها بحث ان ماڻهو ڇيڙي آهي جيڪو فتنو خان آهي. هن چيو ته فتني خان نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي جڏهن هو حڪومت ۾ هو ته هڪ پيج تي هو، جڏهن حڪومت مان نڪتو ته مير جعفر ۽ مير صادق چيو. جانور چيو، پهريان اوهان عروت جج جي جلسي ۾ تذليل ڪئي، پوءِ معافي وٺي ڇڏي، ائين نه ٿيندو آهي. ملڪ جي معيشت بابت سوال تي مريم نواز چيو ته معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه سال لڳندا، ڪجهه مهينن ۾ اهو ڪم نٿو ٿي سگهي. شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪي معيشت کي تباهي ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو. چونڊن کان پوءِ جڏهن 5 سالن جي لاءِ حڪومت ايندي ته اها پنهنجا فيصلا ڪندي.
سيپٽمبر 17, 2022