صدر عارف نوابشاهه پهتو، ٻوڏ متاثرن سان ملاقات
نوابشاهه (رپورٽر) صدر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي نوابشاهه پهچي ويو آهي. جتي هن سڪرنڊ ۾ پاڪ آرمي طرفان لڳايل ٽين سٽي جو دورو ڪيو ۽ ٽينت سٽي ۾ موجود برسات متاثرين سان ملاقاتون ڪيون. صدر عارف علوي سڪرنڊ ۾ پاڪ آرمي طرفان قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل معصوم ٻارن جي حوصله افزائي ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر کيس بريفنگ ڏني. صحافينسان ڳالهيون ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ ۾ 85 سيڪرو فصل تباهه ٿي ويا آهن. قدرتي آفت سبب ٿيندڙ نقصان کي سئو سيڪڙو پورو ڪرڻ ممڪن ناهي.صدر عارف علوي چيو ته اسان عالمي ادارن کان به مدد جي اپيل ڪئي آهي، سرندي وارا به اڳيان اچن ۽ دل کولي متاثرن جي مدد ڪن.ڪراچي جي شهرين ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. هنگامي صورتحال ۾ دوران ٻاهريان قرض معاف ٿي ويندا آهن. ٻوڏ صورتحال سبب پنهنجي طرفان پنج ڪروڙ روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو.عارف علوي وڌيڪ چيو ته منهنجي نوابشاهه جي دوري جو ٻڌي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي به پنهنجي طرفان امداد شامل ڪرڻ جو چيو آهي.
سيپٽمبر 16, 2022