تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي ۾مواصلاتي نظام شديد متاثر ٿيو آهي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي(رپورٽر)صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي ۾ مواصلاتي نظام شديد متاثر ٿيو آهي. 8431 ڪلوميٽر جا 780 روڊ متاثر ٿيا آهن. 180 پليون، 1642 ڪلورٽز ۽ 2125 ڪاز ويز کي نقصان رسيو آهي. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ برسات ۽ ٻوڏ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد ۾ مسلسل گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي پئي وڃي، تنهن هوندي به ڪوٽري بيراج تي هن وقت بہ مٿانھين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، پاڻي جي آمد 525700 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو 500900 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته صوبي ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾ 646 قيمتي حياتين جو نقصان ٿيو آهي ۽ 8321 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوري سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ کي پڻ شديد نقصان پهتو آهي ۽ هاڻي تائين 200317 ڍور مري چڪا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 1598090 گهر متاثر ٿيا آهن، جن ۾ 500249 مڪمل طور تي ڊهي پيا آهن، جڏهن ته 1077210 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. صوبائي وزير چيو ته برساتن۽ ٻوڏ ۾ 10552903 آبادي متاثر ٿي آهي، 1666266 خاندان شامل آهن. جڏهن ته 6940907 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. متاثرن جي لاءِ ڪراچي ڊويزن ۾ 41، حيدرآباد ڊويزن ۾ 296، سکر 269، شهيد بينظير آباد ۾ 579، لاڙڪاڻي ۾ 481 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 48 ريليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. پي ڊي ايم اي، اين ڊِي ايم اي، يو اين ڊبليو ايف پي، پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس گڏيل طور 494357 راشن بيگز متاثرن ۾ تقسيم ڪيا آهن. ٻوڏ متاثرن ۾ 222584 خيما، 1852298 مھارا، 202825 پلاسٽڪ ترپال، 10157 ڪچن سيٽ، 406436 ليٽر منرل واٽر، 3500 فرسٽ ايڊ ڪٽس، 1900 اسڪول ٽينٽس سميت ٻيو سامان ورهايو ويو آهي . هن چيو ته حڪومت پاران ريسڪيو، ريليف آپريشن جاري آهي. جنهن ۾ پاڪ آرمي، نيوي، ايئرفورس جا جوان اھم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ھن چيو تہ سنڌ حڪومت نوشهروفيوز، خيرپور، مٽياري ۽ جھڏو مان برسات جي پاڻي جي نيڪال ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. نوشهروفيروز، خيرپور، مٽياري کان روهڙي ڪينال ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ سموري پمپنگ مشينري کي انھن علائقن۾ پھچائي وئي آهي. هن چيو ته سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري منڇر ڍنڍ جو پاڻي تيزي سان درياء ۾ وڃي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متاثرن کي فوري طبي امداد لاءِ صحت کاتي ۾ ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. متاثر ڪنهن به شهر، ڳوٺ مان فوري طبي امداد لاءِ فون نمبرز 02292040106 ۽ 0229240114 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.
سيپٽمبر 16, 2022