سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن، اڻڄاڻائي ۾ غلطيون ٿيون هونديون: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن، اڻڄاڻائي ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون، ڄاڻي واڻي غلطي جو تصور ئي نٿا ڪري سگهون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙائڻ بابت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته بلوچستان جو پاڻي به ان ۾ شامل ٿي ويو، درياهه جي ساڄي پاسي ڪشمور کان سيوهڻ تائين 7 کان 8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي موجود آهي، سمورو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ 40 ڏينهن لڳي سگهن ٿا. مراد علي شاهه چيو آهي ته شديد گرميءَ ۾ ڇِت کانسواءِ ويٺل متاثرن جي تڪليفن جو احساس آهي، ڪوشش آهي ته متاثرن کي ترت سامان ڏنو وڃي، گئسٽرو جا 5 لک، مليري ۽ ڊينگي جا 6 لک ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مريضن تائين دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، ريلوي ٽريڪ بحال ڪرڻ لاءِ ڪوبه علائقو کي ٻوڙڻ نه ڏنو ويندو، وفاق سان گڏجي ريلوي لائين کي فعال ڪيو ويندو.
سيپٽمبر 14, 2022