ٽرين آپريشن بحال ٿيڻ ۾ 12 کان 15 ڏينهن لڳي سگهن ٿا: ريلوي اختياريون
لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي اختيارين ٽريڪ ۽ پلن تي ٻوڏ جي پاڻي سبب مڪمل طور تي 100 سيڪڙو مسافر فريٽ ٽرين آپريشن بحال ٿيڻ ۾ وڌيڪ 12 کان 15 ڏينهن دير سان شروع ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ريلوي انتظاميه اڄ 11 سيپٽمبر تائين مسافرن کي سمورين ٽرينن جو ري فنڊ ڏئي ڇڏيو آهي. البته سڀاڻي 12 سيپٽمبر کان صرف روهڙي اسٽيشن تائين رحمان بابا ٽرين کي پشاور کان فيصل آباد تائين هلايو ويندو. اپ ۽ ڊائون جون 30 کان وڌيڪ ٽرينون بند آهن. ريلوي اختيارين کي ٻوڏ جي پاڻي سبب ٽرين آپريشن شروع ڪرڻ ۾ ٽيڪنيڪل پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جيڪڏهن ٽرين آپريشن شروع ڪيو وڃي ٿو ته ريلوي انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ ٽيڪنيڪل نقصان پهچڻ جو امڪان آهي. چيف آپريٽنگ سپرنٽينڊنٽ آفيسر ريلوي وقار شاهد چيو آهي ته ٽريڪ تي ٻوڏ پاڻي جي صورتحال جو 24 ڪلاڪن کان جائرو ورتو پيو وڃي. ريلوي ٽريڪ ۽ پلين تي ٻوڏ پاڻي سبب ٽرين آپريشن شروع نٿو ڪري سگهجي. 100 سيڪڙو مسافر ۽ فريٽ ٽرين آپريشن بحال ٿيڻ ۾ وڌيڪ 12 کان 15 ڏينهن لڳي سگهن ٿا جيئن ئي صورتحال بهتر ٿيندي 100 سيڪڙو ٽرين آپريشن شروع ڪيو ويندو. ذريعن موجب اپ ۽ ڊائون جون 30 کان وڌيڪ ٽرينون مڪمل طور تي بند آهن جنهن سبب ريلوي جو خسارو به وڌندو پيو وڃي.
سيپٽمبر 12, 2022