موهن جي دڙي کي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست مان نه پيو ڪڍيو وڃي: سردار شاهه  

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ثقافت واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ جو تاريخي ورثو موهن جو دڙو عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست مان نه پيو ڪڍيو وڃي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته موهن جو دڙو محفوظ آهي، ڇو ته موجوده موهن جو دڙو رڳو 10 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 90 سيڪڙو زمين جي هيٺان آهن ۽ اڃا تائين ڪڍيو ئي ناهي ويو، موهن جي دڙي جا 90 سيڪڙو کنڊر زمين، ايئرپورٽ ۽ ميوزيم جي هيٺان آهن. هن چيو ته موهن جي دڙي جي 5 هزار سال قديمي پاڻي نيڪالي جي نظام اڄ به ڪم ڪيو، جتي باقي سمورا شهر ٻڏي رهيا هئا، اتي موهن جي دڙي جي گريٽ باٿ ۾ جمع پاڻي فوري طور نڪري ويو. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ فنڊن جي کوٽ آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي. واضح رهي ته قديمي آثارن جي کاتي موهن جي دڙي جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪم تي فوري طور ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪندي خدشو ظاهر ڪيو هو ته جيڪڏهن ان حوالي سان وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ان تاريخي ماڳ کي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست مان ڪڍي سگهي ٿو.

سيپٽمبر 12, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو